ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان جي جي جي آءِ جي ڪنٽري ريپرزينٽيٽو جي ملاقات

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ گلوبل گرين گروٿ انيشيئٽو (جي جي جي آءِ) جي ڪنٽري ريپرزينٽيٽو لورايا لاسوڪي سان ملاقات ڪئي. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مان جاري بيان موجب لورايا لاسوڪي وفاقي وزير کي اداري جي مشن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته جي جي جي آءِ هن وقت 51 ملڪن …

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ گلوبل گرين گروٿ انيشيئٽو (جي جي جي آءِ) جي ڪنٽري ريپرزينٽيٽو لورايا لاسوڪي سان ملاقات ڪئي. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مان جاري بيان موجب لورايا لاسوڪي وفاقي وزير کي اداري جي مشن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته جي جي جي آءِ هن وقت 51 ملڪن تي ٻَڌل آهي ۽ جامع سبز ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪم ڪري رهيو آهي. ادارو ميمبر ملڪن کي پائيدار، گهٽ ڪاربن ۽ موسمياتي لحاظ کان مضبوط معيشتن طرف منتقليءَ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سبز ترقيءَ تي ٻَڌل حصيداريون ڊگهي مُدي جي پائيداري ۽ قابل پيمائش اثرن تي ٻَڌل هئڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين ترجيح اهڙين حڪمت عملين جي جوڙجڪ آهي جيڪي هڪ ئي وقت گهٽ ۽ موافقت جي هدفن خاص ڪري زراعت جهڙن موسمياتي طور حساس شعبن کي اڳتي وڌائين. ڌُرين ڪاربن مارڪيٽس کي پائيدار ترقيءَ لاءِ مالي معاونت جي اوزار طور استعمال ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير ان سلسلي ۾ ويايبلٽي گيپ مڪينزم جي تياريءَ لاءِ معاونت جي ضرورت تي روشني وڌي ۽ ان حوالي سان جي جي جي آءِ جي فني مدد کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ڳالهين دوران پاڪستان ۾ گهٽتائي ۽ موافقت جي صلاحيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي امڪانن خاص ڪري زراعت ۽ قدرتي وسيلن تي ٻَڌل حل تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان جي جي جي آءِ جهڙن بين الاقوامي حصيدارن سان گڏجي سبز ۽ لچڪدار معيشت طرف تيزيءَ سان اڳڀرائي جاري رکندو.