واپار واري وفاقي وزير سان سوئيڊن جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سوئيڊن جي پاڪستان ۾ سفير اليگزينڊرا برگ وان لنڊي ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاريءَ جي موقعن ۽ گڏيل تعاون جي مختلف شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفير هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب پاڪستان ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن ۽ ملڪيتن جي نقصان تي افسوس …

اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سوئيڊن جي پاڪستان ۾ سفير اليگزينڊرا برگ وان لنڊي ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاريءَ جي موقعن ۽ گڏيل تعاون جي مختلف شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفير هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب پاڪستان ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن ۽ ملڪيتن جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. واپار واري وزير ڄام ڪمال خان چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو. واپار واري وزير پاڪستان جي ٽيڪسٽائل، ريڊيمينٽس گارمينٽس، آءِ ٽي، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، معدنيات، سرجيڪل اوزارن ۽ راندين جي سامان جي شعبن ۾ موجود صلاحيتن کي اجاگر ڪندي چيو ته سوئيڊش ڪمپنيون ڄاڻايل شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون. سفير پاڪستان جي ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽ جي عالمي شهرت کي تسليم ڪندي چيو ته سوئيڊش خريدار پاڪستاني شين کي دنيا جي بهترين شين ۾ شمار ڪن ٿا. هن چيو ته سوئيڊن جون ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ وچولي درجي جون ڪمپنيون پاڪستاني گارمينٽس جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي خواهش رکن ٿيون. ان سلسلي ۾ هڪ سوئيڊش ڪاروباري وفد جلد ڪراچيءَ جو دؤرو ڪندو ته جيئن مقامي صنعتڪارن سان ملاقات ۽ روانگي واپار جي موقعن جو جائزو وٺي سگهجي. ملاقات ۾ وفاقي وزير، سفير کي ٻُڌايو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت وزيراعظم جي هدايت تي درآمدي ٽيرف کي لاڳيتو گهٽ ڪري رهي آهي جيڪو ايندڙ 5 سالن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو تائين آندو ويندو. هن چيو ته ان پاليسيءَ جو مقصد روانگي واپار کي سهارو ڏيڻ ۽ اهڙين معياري شين کي درآمد ڪرڻ آهي جيڪي مقامي طور دستياب ناهن ته جيئن ويلو ايڊيشن کانپوءِ کين ٻيهر برآمد ڪري سگهجي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ تعمير ڪمپلائنس جي شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي ۽ نيشنل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مقامي صنعتڪار قومي ۽ عالمي معيار تي پورو لهي سگهن. وزير تجويز ڏني ته اين سي سي تحت سيمينار منعقد ڪيو وڃي جنهن ۾ پرڏيهي ڪمپنين ۽ سفارتي مشنز کي پاڪستان جي تعميري طريقيڪار کان آگاهه ڪري سگهجي. ٻنهي ڌُرين معدنيات، تجديد جوڳي توانائي، گرين ٽيڪنالاجيز، ووڪيشنل ٽريننگ ۽ اسڪل ڊولپمينٽ کي تعاون جو اهم شعبو قرار ڏنو. واپار واري وزير چيو ته يورپ ۾ هيلٿ ڪيئر سميت نرسنگ اسٽاپ جي کوٽ کي پاڪستاني پروفيشنلز چڱي ريت پورو ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته 40 کان وڌيڪ سوئيڊش ڪمپنيون عالمي برانڊز ايڇ اينڊ ايم ۽ آءِ ڪي اي اي، پاڪستان مان خريداري ڪري رهيون آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن جي مضبوطي کي ظاهر ڪن ٿا. هن سوئيڊن کي تجديد جوڳي توانائي، پائيدار مينيوفيڪچرنگ، آءِ ٽي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ پاڪستان ۾ آئينده ٿيندڙ واپاري نمائشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وفاقي وزير پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس لاءِ يورپي يونين ۾ سوئيڊن جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ ايندڙ جائزي واري عمل ۾ به تعاون جاري رکڻ جي درخواست ڪئي. هن روانگي واپار ڪندڙن کي درپيش بئنڪاري مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي مرڪزي بئنڪ ۽ سوئيڊش مالياتي ريگيوليٽرز وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۽ سوئيڊن وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ عوامي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، جنهن کي ڪتب آڻڻ ضروري آهي.