متاثر علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ بنا فرق جي صوبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته موسمياتي تبديلين سبب ڪڪر ڦاٽن (ڪلائوڊ برسٽ) جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، متاثر علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ بنا فرق جي صوبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، متاثرن جي نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيا. انهن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريار واري …

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته موسمياتي تبديلين سبب ڪڪر ڦاٽن (ڪلائوڊ برسٽ) جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، متاثر علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ بنا فرق جي صوبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، متاثرن جي نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيا. انهن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريار واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سڀ کان پهرين متاثر خاندانن سان تعزيت ڪيان ٿو، ان نقصان جو ته ڪير به ازالو نٿو ڪري سگهي پر وفاقي حڪومت متاثرن جي مدد جي ڀرپور ڪوشش ڪندي، جتي جتي نقصان ٿي رهيا آهن اتي وفاقي حڪومت پهتي ۽ جن جو مالي يا جاني نقصان ٿيو آهي، انهن جي وارثن سان ملي سندن بحالي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي بنا فرق جي ڪم ڪندي. هن وقت ملڪ هڪ آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عالمي سطح تي جيڪو ٻٽو معيار آهي، ان کي به ظاهر ڪري رهيا آهيون، ماحول کي نقصان پهچائيندڙ ڪاربن گئسن جي نيڪال ۾ اسان جو حصو دنيا جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي جي سهڪار سان مربوط حڪمت عملي آڻي رهيا آهيون ته جيئن وقت کان اڳ ماڻهن کي آگاهي ڏني وڃي، صوبائي حڪومتن کي درخواست آهي ته برساتي نالن ويجهو آبادين کي اتان هٽايو وڃي ۽ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. جنهن لاءِ وفاقي حڪومت سهڪار لاءِ تيار آهي. هن چيو ته سمورن لاڳاپيل وزيرن کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور تي متاثر علائقن ۾ وڃن ۽ اتي ماڻهن جي دادرستي ڪن. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ وڏن رستن کي کوليو ويو آهي ۽ ٻين رستن ۽ بجلي جي نظام جيڪو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ان جي بحالي لاءِ به قدم کڻي رهيا  آهيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته گذريل ٻن چئن ڏينهن کان ڏسي رهيا آهيون ته خيبر پختونخوا ۾ ڪلائوڊ برسٽ تباهي مچائي ڇڏي آهي، اڄ پاڪستان سانوڻي جي برساتن جي ستين اسپيل مان گذري رهيو آهي جنهن لاءِ اين ڊي ايم اي جون مهيني کان سيپٽمبر تائين معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي هئي. سانوڻي جي برساتن جي ستين اسپيل دوران هن وقت تائين اٽڪل 670 جي لڳ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته تقريبن هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، اهو اسپيل 22 کان 23 آگسٽ تائين رهندو. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ اٽڪل 80 کان 90 ماڻهو اڃا تائين لاپته آهن جن جي ڳولا جو ڪم جاري آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي خاص هدايتن تي صوبائي حڪومتون، ضلعي انتظاميه کان علاوه پاڪستان آرمي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهن، حڪومت ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏجي جيترو به نقصان ٿيو آهي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا جنهن ۾ مواصلات کان علاوه انفرا اسٽرڪچر جي بحالي شامل آهي.