پاڪستان ماحولياتي گدلاڻ ۽ موسمياتي خطرن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ماحولياتي گدلاڻ ۽ موسمياتي خطرن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، انهي لاءِ پارلياماني سطح تي سهڪار وڌائڻ ۽ بهترين عالمي تجربن مان سکڻ لاءِ اثرائتي قانونسازي وقت جي اهم ضرورت آهي. هو پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي  سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سهڪار (ڪامسٽيڪ) بابت  اسٽينڊنگ ڪميٽي  ۽ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي سهڪار سان …

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ماحولياتي گدلاڻ ۽ موسمياتي خطرن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، انهي لاءِ پارلياماني سطح تي سهڪار وڌائڻ ۽ بهترين عالمي تجربن مان سکڻ لاءِ اثرائتي قانونسازي وقت جي اهم ضرورت آهي. هو پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي  سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سهڪار (ڪامسٽيڪ) بابت  اسٽينڊنگ ڪميٽي  ۽ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي سهڪار سان ايٿوپيا پاڪستان گرين ڊائلاگ، گرين ليگيسي جي عنوان سان ڪامسٽيڪ  سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ چيئرمين مهمان خاص جي حيثيت سان پنهنجي خطاب ۾ ايٿوپيا جي گرين ليگيسي ماڊل کي پاڪستان لاءِ مشعل راه قرار ڏنو. ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ  موجب افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ ڪو آرڊينيٽر جنرل ڪامسٽيڪ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري  چيو ته ماحولياتي چئلنيجز جهڙن موسمياتي تبديلي،  ٻيلن جي واڍي ۽ ماحولياتي  گدلاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ گرين ڊپلوميسي ۽ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. ان موقعي تي ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال باڪر عبدالله گرين ليگيسي مهم جي شاندار نتيجن جي حوالي سان چيو ته ان سان سڄي دنيا ۾ وڻڪاري ۽ پائيدار قدمن جو هڪ نئون مثال قائم ٿي رهيو آهي.  ان موقعي تي مختلف وفدن جي سربراهن ۽ معزز مهمانن پائيدار ترقي ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ علائقائي ۽ عالمي تعاون تي زور ڀريو.  تقريب دوران گرين ليگيسي ايوارڊز ڏنا ويا، علامتي وڻڪاري ڪئي وئي ۽ گروپ فوٽو به ڪڍيو ويو. ماهرن ۽ پاليسيون ٺاهيندڙن پينل مباحثي ۾ گرين ليگيسي جي حوالي سان حڪمت عمليون، پاليسي فريم ورڪ ۽ ڪميونٽي ماڊلز تي ڳالهيون ڪيون ويون. سوالن جوابن جي سيشن ۽ نيٽ ورڪنگ لنچ دوران شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ ماحولياتي بحالي ۽ پائيدار  ترقي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. تقريب  جي پڄاڻي ٻنهي ملڪن جي ان عزم تي ٿي ته هو هڪ سرسبز، پائيدار ۽ بهترين مستقبل لاءِ گڏيل ڪوششن جاري رکندا.