وفاقي وزير محسن نقوي پاران نادرا سينٽر ڪوٽ عبدالمالڪ ۽ پاسپورٽ آفيس شاهدره جو اوچتو دورو

لاهور -18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نادرا سينٽر ڪوٽ عبدالمالڪ ۽ پاسپورٽ آفيس شاهدره جو اوچتو دورو ڪيو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي جاري ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي عمل جو جائزو ورتو. دوري دوران نادرا سينٽر ڪوٽ عبدالمالڪ جيڪو رنگ روغن سبب بند پيل هو، جتي ٻه موبائيل وينون ته موجود هيون پر انٽرنيٽ ڊائون هئڻ سبب شهرين کي مشڪلاتون …

لاهور -18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نادرا سينٽر ڪوٽ عبدالمالڪ ۽ پاسپورٽ آفيس شاهدره جو اوچتو دورو ڪيو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي جاري ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي عمل جو جائزو ورتو. دوري دوران نادرا سينٽر ڪوٽ عبدالمالڪ جيڪو رنگ روغن سبب بند پيل هو، جتي ٻه موبائيل وينون ته موجود هيون پر انٽرنيٽ ڊائون هئڻ سبب شهرين کي مشڪلاتون ٿي رهيون هيون. شهرين ڊگهين قطارن ۽ هيلپ لائين تي مناسب رهنمائي نه ملڻ جون شڪايتون به ڪيون. گهرو وزير  سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين جا مسئلا ٻڌا ۽ فوري حل لاءِ هدايتون ڪيون. هن انٽرنيٽ جو مسئلو فوري حل ڪرڻ ۽ سينٽر کي جلد کان جلد فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. محسن نقوي چيو ته جڏهن هر سينٽر تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي سهولت موجود آهي، ته شهرين کي ٻين سينٽرن جو چوڻ ناقابل قبول آهي، بعد ۾ گهرو وزير پاسپورٽ آفيس شاهدره جو به دورو ڪيو، جتي شهرين پاسپورٽ جي ڊليوري ۾ دير جون شڪايتون ڪيون. محسن نقوي فائيلن ۽ ڪاغذن جا ڍير ڏسي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته سموري رڪارڊ کي فوري طور آن لائين ڪيو وڃي. هن چيو ته پاسپورٽ جي ڊليوري مقرره وقت ۾ يقيني بڻائي وڃي ۽ شهرين کي هڪ سينٽر تان ٻئي سينٽر جو چڪر نه لڳرايو وڃي. وفاقي وزير ٻڌايو ته اهڙن ٻارن لاءِ نئين پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي جن جا والدين پرڏيهه ۾ آهن ته جيئن کين پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ پيش نه اچي.