اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايت موجب نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي خيبر پختونخوا جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي کي سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ مطابق اين ڊي ايم اي، پاڪ فوج ۽ فلاحي ادارن طرفان ڪي پي ڪي لاءِ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن صبح جو بونير لاءِ روانو ڪيل سامان …
اين ڊي ايم ايم هٿياربند فوج ۽ فلاحي ادارن طرفان خيبرپختونخوا لاءِ امدادي سامان روانو
اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايت موجب نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي خيبر پختونخوا جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي کي سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ مطابق اين ڊي ايم اي، پاڪ فوج ۽ فلاحي ادارن طرفان ڪي پي ڪي لاءِ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن صبح جو بونير لاءِ روانو ڪيل سامان ۾ خيما، ڪمبل، جنريٽر، ڊي واٽرنگ پمپس، راشن بيگز ۽ دوائون شامل آهن. امدادي سامان ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بونير جي حوالي ڪيو ويندو. متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل سول ۽ عسڪري ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن طرفان جاري امدادي ڪارروائين جي هروقت نگراني به ڪري رهيا آهن.












