سنڊني - 18 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي انٽرنيٽ سرچ انجڻ ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل آسٽريليا ۾ 55 ملين آسٽريلين ڊالرز (35.8 ملين آمريڪي ڊالرز) جو ڏنڊ ادا ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو فيصلو ان وقت سامھون آيو جڏھن آسٽريليا جي صارفين جي حقن جي نگران اداري انڪشاف ڪيو ته گوگل ن وڏين ٽيليڪام ڪمپنين کي ادائيگيون ڪري پنھنجي سرچ ايپليڪيشن کي اينڊرائيڊ فونز ۾ …
گوگل آسٽريليا ۾ غير منصفاڻن معاھدن تي 36 ملين ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ تي راضي

مزید خبریں
سنڊني – 18 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي انٽرنيٽ سرچ انجڻ ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل آسٽريليا ۾ 55 ملين آسٽريلين ڊالرز (35.8 ملين آمريڪي ڊالرز) جو ڏنڊ ادا ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو فيصلو ان وقت سامھون آيو جڏھن آسٽريليا جي صارفين جي حقن جي نگران اداري انڪشاف ڪيو ته گوگل ن وڏين ٽيليڪام ڪمپنين کي ادائيگيون ڪري پنھنجي سرچ ايپليڪيشن کي اينڊرائيڊ فونز ۾ اڳ ئي انسٽال ڪرايو جنھن سبب سرچ انجڻ لاءِ موقعا محدود ٿي ويا. اھو ڏنڊ اھڙي وقت ۾ لاڳو ڪيو ويو آھي جڏھن گوگل کي آسٽريليا ۾ ٻين قانوني دٻاءُ کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. گذريل ھفتي عدالت وڏي حد تائين ايپڪ گيمز جي ان درخواست جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو جنھن ۾ گوگل ۽ ايپل تي ايپ اسٽورز جي ڌر کي روڪڻ جا الزام لاڳو ڪيا ھئا. گوگل جي ترجمان چيو ته ڪمپني ان معاملي جي حل تي خوش آھي ۽ ھو اينڊرائيڊ ڊيوائس مينيوفيڪچررز کي برائوزرز ۽ سرچ ايپس انسٽال ڪرڻ ۾ وڌيڪ آزادي ڏيڻ لاءِ پرعزم آھي ته جيئن ھو ايپل سان مقابلو ڪري سگھي ۽ خرچ به گھٽجي.











