واشنگٽن -18 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته ڀارت کي جديد عسڪري ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ آمريڪي ڪمپنين لاءِ هڪ خطرناڪ قدم ٿي سگهي ٿو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وائيٽ هائوس جي واپاري صلاحڪار پيٽر نيوارو فنانشل ٽائيمز ۾ شايع ٿيل مضمون ۾ چيو آهي، ته ڀارت جي روسي ڪچي تيل جي خريداري روس کي يوڪرين جنگ ۾ مالي مدد فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڀارت کي …
ڀارت کي عسڪري ٽيڪنالاجي جي منتقلي آمريڪي ڪمپنين لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي: آمريڪي عهديدار

مزید خبریں
واشنگٽن -18 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته ڀارت کي جديد عسڪري ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ آمريڪي ڪمپنين لاءِ هڪ خطرناڪ قدم ٿي سگهي ٿو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وائيٽ هائوس جي واپاري صلاحڪار پيٽر نيوارو فنانشل ٽائيمز ۾ شايع ٿيل مضمون ۾ چيو آهي، ته ڀارت جي روسي ڪچي تيل جي خريداري روس کي يوڪرين جنگ ۾ مالي مدد فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڀارت کي روس کان ڪچو تيل خريد ڪرڻ بند ڪرڻو پوندو. پيٽر نيوارو چيو ته ڀارت هاڻي روس ۽ چين بنهي جي ويجهو ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڀارت چاهي ٿو ته ان کي آمريڪا جو اسٽريٽجڪ پارٽنر سمجهيو وڃي ته ان کي ان موجب ورتاءُ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آمريڪي ڪمپنين لاءِ ڀارت کي جديد عسڪري ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ هڪ خطرناڪ قدم ٿي سگهي ٿو.











