مصيبت جي گهڙيءَ ۾ وفاقي، صوبائي حڪومت ۾ ڪو فرق نه آهي، اسان کي متاثرين جي مدد ۽ بحالي کي يقيني بڻائڻو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اين ڊي ايم اي کي طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو فوري طور تي حتمي جائزو وٺڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي متاثرين ۾ امدادي شين جي ورڇ جي جامع حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي، صوبائي حڪومت ۾ ڪو فرق نه آهي، اسان کي متاثرين جي مدد …

اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اين ڊي ايم اي کي طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو فوري طور تي حتمي جائزو وٺڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي متاثرين ۾ امدادي شين جي ورڇ جي جامع حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي، صوبائي حڪومت ۾ ڪو فرق نه آهي، اسان کي متاثرين جي مدد ۽ بحالي کي يقيني بڻائڻو آهي، مصيبت سٽيل پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي مدد اسان جي قومي ذميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ جاري امدادي سرگرمين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي هڪ مهيني جي پگهار عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثرين جي مدد ۾ وفاقي ادارن کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي، صوبائي حڪومت ۾ ڪو فرق نه آهي، اسان کي متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي يقيني بڻائڻي آهي، مصيبت سٽيل پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي مدد اسان جي قومي ذميواري آهي، هي سياست جو نه خدمت جو ۽ ماڻهن جي ڏکن جو مداوو ڪرڻ جو وقت آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن سان گڏوگڏ متاثرين کي وزيراعظم پئڪيج تحت پڻ امدادي رقم فراهم ڪندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ امدادي شين جي ورڇ ۽ بحالي جي آپريشن جي نگراني ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير ڪندو، متاثر علائقن ۾ بجلي، پاڻي، رستن ۽ ٻين سهولتن جي بحالي جي نگراني لاڳاپيل وفاقي وزير پاڻ ڪندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل وزير خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان پاڻ وڃن، اين ايڇ اي رستن جي بحالي ۾ صوبائي يا قومي رستن ۾ فرق نه ڪري، امداد جي لاءِ رستا کولڻ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ ايف ڊبليو او کي متاثر علائقن ۾ رستن ۽ پُلين جي مرمت يقيني بڻائڻ ۽ مواصلات واري وزير کي انهن علائقن ۾ پاڻي وڃي بحالي آپريشن جي نگراني جي هدايت ڪئي. وزيراعظم بجلي واري وزير کي متاثر علائقن ۾ پاڻ وڃي معائنو ڪرڻ ۽ بجلي جو نظام ترجيحي بنيادن تي بحال ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن حڪم ڏنو ته اين ڊي ايم اي فوري طور تي نقصانن جو حتمي جائزو پيش ڪري، اين ڊي ايم اي امدادي شين جي خيبرپختونخواهه جي متاثرين ۾ امدادي شين جي ورڇ جي جامع حڪمت عملي پڻ پيش ڪري. وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي اين ڊي ايم اي کي ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيستائين متاثر علائقن ۾ آخري شخص تائين مدد ۽ بنيادي انفراسٽرڪچر جي بحالي نه ٿي وڃي ٿي، لاڳاپيل وفاقي وزير اتي ئي رهندا. هن صحت واري وزارت کي ڊاڪٽرن جون ٽيمون ۽ دوائون خيبرپختونخواهه موڪلڻ ۽ طبي ڪئمپون قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي پڻ متاثرين جي مدد جي لاءِ متحرڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي تي جائزه اجلاس کي اين ڊي ايم اي ۽ وزيراعظم پاران مدد جي لاءِ مقرر ڪيل وفاقي وزيرن جي جاري امدادي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن، پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن پاران هيستائين متاثرين جي لاءِ 456 ريليف ڪئمپون قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ 400 ريسڪيو آپريشن ڪيا ويا، متاثرين جي لاءِ امدادي شين تي ٻڌل ٽرڪ پهچايا پيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ امدادي ٽرڪن جي قافلن کي ترجيحي بنيادن تي اڳ ۾ موڪليو وڃي، هيستائين جي محتاط اندازي موجب 125 ملين رپين کان وڌيڪ جي سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن جي نقصانن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. اين ڊي ايم اي پاران راشن، تنبن، دوائن، ميڊيڪل ٽيمن ۽ ٻين شين جي فراهمي تي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم شين جي انگ ۾ وڌيڪ اضافي جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر جي ٻئي هفتي تائين چوماسي جو سلسلو جاري رهندو، 6 وڏا اسپيل گذري چڪا آهن جڏهن ته وڌڪ 2 متوقع آهن جن جا اثر سيپٽمبر جي آخري هفتي تائين رهندا. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سوات، بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري خيبرپختونخواهه، خاص معاون مبارڪ زيب باجوڙ، اين ايڇ اي چيئرمين مالاڪنڊ جڏهن ته مواصلات واري سيڪريٽري گلگت مان صورتحال تي جائزو پيش ڪيو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير ميان محمد معين وٽو، ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ٻين عملدارن وزيراعظم جي هدايت موجب امدادي سرگرمين تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه آصف، احسن اقبال، مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام، سردار اويس خان لغاري، سردار محمد يوسف، ميان محمد معين وٽو، خاص معاون مبارڪ زيب، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، وزيراعظم جي چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.