خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي کي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي کي مدد فراهم ڪري رهي آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب اين ڊي ايم اي، هٿياربند فوج ۽ فلاحي ادارن پاران خيبرپختونخواهه جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪيو ويو آهي. بونير جي لاءِ رواني ڪيل …

اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي کي مدد فراهم ڪري رهي آهي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب اين ڊي ايم اي، هٿياربند فوج ۽ فلاحي ادارن پاران خيبرپختونخواهه جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪيو ويو آهي. بونير جي لاءِ رواني ڪيل سامان ۾ تنبو، ڪمبل، جنريٽر، پاڻي جي نيڪالي جا پمپس، کاڌي جا ٿيلها ۽ دوائون شامل آهن. امدادي سامان ٻوڏ متاثرين ۾ ورهائڻ جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بونير جي حوالي ڪيو ويندو. متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل سول ۽ عسڪري ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن پاران جاري امدادي ڪاررواين جي نگراني پڻ ڪري رهيو آهي.