اسلام آباد-18آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جو خيبرپختونخواهه جي برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن بونير، سوات، شانگلا ۽ باجوڙ ۾ فلڊ ريليف آپريشن چوٿين ڏينهن به جاري رهيو.ان سلسلي ۾ وڌيڪ متاثر علائقن ۾ سومر جي صبح کان شديد برساتن باوجود ريسڪيو آپريشن جون ڪارروايون جاري آهن. پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ ضرورت جو ٻيو سامان فراهم ڪري رهيا آهن جڏهن ته متاثر علائقن مان ماڻهن …
پاڪ فوج پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن بونير، سوات، شانگلا ۽ باجوڙ ۾ فلڊ ريليف آپريشن چوٿين ڏينهن به جاري
اسلام آباد-18آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جو خيبرپختونخواهه جي برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن بونير، سوات، شانگلا ۽ باجوڙ ۾ فلڊ ريليف آپريشن چوٿين ڏينهن به جاري رهيو.ان سلسلي ۾ وڌيڪ متاثر علائقن ۾ سومر جي صبح کان شديد برساتن باوجود ريسڪيو آپريشن جون ڪارروايون جاري آهن. پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ ضرورت جو ٻيو سامان فراهم ڪري رهيا آهن جڏهن ته متاثر علائقن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو عمل پڻ جاري آهي. پاڪ فوج جي انجنيئرنگ ڪور جا جٿا متاثر رستن جي بحالي ۽ ملبو هٽائڻ ۾ مصروف آهن. انجنيئرنگ ڪور جي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم (يو ايس اي آر) پڻ ملبي مان زخمين ۽ لاشن کي ڳولهڻ ۾ مصروف آهي. اهڙي ريت پاڪ فوج جا ڊاڪٽر متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپن ذريعي مريضن کي مفت علاج ڏيڻ وارين ڪاررواين ۾ مصروف آهن. واضع رهي ته سمورن متاثرن کي حفاظت سان ريسيڪو ڪرڻ ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ تائين آپريشن جاري رهندو.












