يورپ اسان جي ميزائلن جي پهچ ۾ آهي، آمريڪا کي به نشانو بڻائي سگهجي ٿو : ايران

تهران - 18 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي ميمبر ميجر جنرل امير حيات مقدم چيو آهي ته ايران سمنڊ مان آمريڪا کي ميزائلن ذريعي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. عالمي ميڊ مطابق امير حيات مقدم وڌيڪ چيو ته ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته ايران جا ميزائل واشنگٽن ۽ نيويارڪ تائين نه پهچندا . امير حيات مقدم …

تهران – 18 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي ميمبر ميجر جنرل امير حيات مقدم چيو آهي ته ايران سمنڊ مان آمريڪا کي ميزائلن ذريعي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. عالمي ميڊ مطابق امير حيات مقدم وڌيڪ چيو ته ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته ايران جا ميزائل واشنگٽن ۽ نيويارڪ تائين نه پهچندا . امير حيات مقدم وڌيڪ چيو ته پاسداران انقلاب جي فضائيه اٽڪل  20 سالن کان سامونڊي جهازن ۽ سامونڊي ٽڪرين تان ميزائل لانچ ڪرڻ جي ضروري صلاحيتن کي تيار ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ايران 10 هزار ڪلو ميٽرن  جي مفاصلي باوجود پنهنجي جهازن سان آمريڪي سمنڊ کان 2 هزار ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تائين پهچي سگهن ۽ ان جي وڏن شهرن کي نشانو بڻائي سگهجي . هن چيو ته  سمورا يورپي ملڪ به ايران جي ميزائلن جي پهچ ۾ آهن .ايران جي ميزائلن جي  صلاحيت برطانيه ، فرانس ، جرمني، اولهه ۽ اوڀر يورپ جي مختلف علائقن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.