واشنگٽن - 18 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلنڪسي روس سان جاري تڪرار کي فوري طور تي ختم ڪري سگهي ٿو، پر ان شرط تي ته هو ڪريميا تي پنهنجي دعوى ۽ نيٽو ۾ شموليت جو ارادو ختم ڪري ڇڏي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ٽروٿ سوشل “ تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي …
يوڪرين جو صدر جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪريميا تي پنهنجي دعويٰ ۽ نيٽو ۾ شموليت جي خواهش ختم ڪري: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن – 18 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلنڪسي روس سان جاري تڪرار کي فوري طور تي ختم ڪري سگهي ٿو، پر ان شرط تي ته هو ڪريميا تي پنهنجي دعوى ۽ نيٽو ۾ شموليت جو ارادو ختم ڪري ڇڏي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ٽروٿ سوشل “ تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي ته يوڪرين جو صدر جيڪڏهن چاهي ته روس سان جنگ فوري طور ختم ڪري سگهي ٿو، يا پوءِ ويڙهه جاري رکي سگهي ٿو . ٽرمپ وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس لاءِ ” هڪ وڏو ڏينهن “ هو ڇو ته ايتري وڏي انگ ۾ يورپي اڳواڻ ان کان اڳ ڪڏهن به وائٽ هائوس ناهن آيا . واضع رهي ته يوڪرين صدر 18 آگسٽ تي واشنگٽن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ فرانس جو صدر ايمانويل ميڪرون ، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ، جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز ، اٽلي جي وزيراعظم جيور جيا ميلوني ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان به شرڪت ڪئي.











