رياض - 18 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي موسميات بابت قومي مرڪز مملڪت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ايندڙ ھفتي تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق مرڪز مان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جازان، عسير، الباحه، مڪي شريف، تبوڪ ۽ مديني شريف واري ريجن ۾ برسات جو امڪان آھي. رياض ريجن جي ڪجھه علائقن ۾ ھلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان …
سعودي عرب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ايندڙ ھفتي تائين برسات جو امڪان

مزید خبریں
رياض – 18 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي موسميات بابت قومي مرڪز مملڪت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ايندڙ ھفتي تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق مرڪز مان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جازان، عسير، الباحه، مڪي شريف، تبوڪ ۽ مديني شريف واري ريجن ۾ برسات جو امڪان آھي. رياض ريجن جي ڪجھه علائقن ۾ ھلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان آھي جڏھن ته جازان، عسير، الباحه، مڪي شريف جي جابلو علائقن ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آھي. مرڪز عوام تي زور ڀريو آھي ته ھو موسم جي حوالي سان رپورٽ لاءِ ويب سائيٽ ۽ ميٽا پليٽ فارم کي فالو ۽ لاڳاپيل اختيارين جي ھدايتن تي عمل ڪن.











