اسلام آباد - 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي، وفاقي حڪومت قومي ذميواري تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايتن تي، اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، متاثرين کي امدادي سامان جي فراهمي ۽ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون سرنجام ڏنيُون …
ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي، وفاقي حڪومت قومي ذميواري تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايتن تي، اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، متاثرين کي امدادي سامان جي فراهمي ۽ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون سرنجام ڏنيُون پيُون وڃن. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٻوڏ ۽ امدادي سرگرمين بابت اجلاس کان پوءِ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سانوڻي جي تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال سميت خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪري رهي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سانوڻي جي برساتن کان اڳ، نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ ڪيترائي اجلاس ٿيا هئا جنهن ۾ سڀني صوبائي حڪومتن جا نمائندام باقائدگيءَ سان شريڪ ٿيندا رهيا. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ارلي وارننگ سسٽم ذريعي لاڳاپيل اختيارين کي معلومات باقاعدگي سان فراهم ڪئي ويندي رهي آهي. هن چيو ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، امدادي سامان ۽ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪستان فوج ۽ فلاحي ادارا پڻ متاثر علائقن ۾ سرگرم آهن. هن چيو ته سيڪريٽري مواصلات جگلوٽ-سڪردو روڊ جي مرمت ۽ بحالي لاءِ اڳ ئي گلگت بلتستان ۾ موجُود آهي ته جيئن اسڪردو کي گلگت سان ٻيهر ڳنڍي سگهجي، جڏهن ته اين ايڇ اي جو چيئرمين مالاڪنڊ ڊويزن ۾ آهي ته جيئن سڀئي روڊ رابطا بحال ڪري سگهجن. انجنيئر امير مقام پڻ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت وفاقي وزيرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي متاثر علائقن ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي ذريعي روڊن، پاڻي ۽ بجلي جي نظام جي بحالي کي يقيني بڻايو ويندو، ۽ امدادي سامان جي ترسيل جي نگراني پڻ ڪئي ويندي ته جيئن اهو فوري طور تي متاثر ماڻهن تائين پهچي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هي هڪ قومي فرض آهي، هِن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ ڪوبه فرق ناهي، سڀئي ادارا هڪ ٿي متاثرين جي بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي مرمت لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.












