ڪينيڊا جي هوائي ڪمپني ايئر ڪينيڊا جي ملازمن طرفان هڙتال ختم ڪرڻ کان انڪار بعد سوين جهاز بيهاري ڇڏيا

ٽورنٽو-18 آگسٽ(اي پي پي) ڪينيڊا جي هوائي ڪمپني ايئر ڪينيڊا جي ملازمن هڙتال ختم ڪرڻ کان انڪار بعد هوائي ڪمپني پنهنجي سوين جهازن کي بيهاري ڇڏيو آهي . ڪمپني روزاني هڪ لک 30 هزار ماڻهن کي سفري سهولتون فراهم ڪندي آهي. پرڏيهي خابروا داري جي رپورٽ موجب ملازمن جي يونين حڪومت سان گڏجي ملازمن کي هڙتال ختم ڪرڻ ۽ ڪم تي واپس اچڻ لاءِ چيو هو جڏهن ته ملازمن ان …

ٽورنٽو-18 آگسٽ(اي پي پي) ڪينيڊا جي هوائي ڪمپني ايئر ڪينيڊا جي ملازمن هڙتال ختم ڪرڻ کان انڪار بعد هوائي ڪمپني پنهنجي سوين جهازن کي بيهاري ڇڏيو آهي . ڪمپني روزاني هڪ لک 30 هزار ماڻهن کي سفري سهولتون فراهم ڪندي آهي. پرڏيهي خابروا داري جي رپورٽ موجب ملازمن جي يونين حڪومت سان گڏجي ملازمن کي هڙتال ختم ڪرڻ ۽ ڪم تي واپس اچڻ لاءِ چيو هو جڏهن ته ملازمن ان حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. هوائي ڪمپني جي ملازمن معاوضي ۽ سهولتن ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ڪينيڊا جي حڪومت ملازمن پاران هڙتال ختم نه ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ ۽ قانون سازي ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پارليامينٽ ۾ 15 سيپٽمبر تائين موڪلن سبب فوري طور تي قانونسازي ممڪن نظر نه ٿي اچي.