چين نئون تجرباتي سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو

بيجنگ-18 آگسٽ (اي پي پي)چين جي سيچوان صوبي جي شي چانگ سيٽلائٽ لانچ سينٽر تان نئون تجرباتي سيٽلائيٽ لانچ ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب چائنا سينٽرل ٽي وي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شي يان 28-بي -02 سيٽلائيٽ مقامي وقت موجب 4:55 منٽن تي لانگ مارچ 4-سي ڪيريئر راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو جيڪو ڪاميابي سان پنهنجي مقرر مدار ۾ داخل ٿي ويو آهي. اهو سيٽلائيٽ بنيادي طور …

بيجنگ-18 آگسٽ (اي پي پي)چين جي سيچوان صوبي جي شي چانگ سيٽلائٽ لانچ سينٽر تان نئون تجرباتي سيٽلائيٽ لانچ ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب چائنا سينٽرل ٽي وي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شي يان 28-بي -02 سيٽلائيٽ مقامي وقت موجب 4:55 منٽن تي لانگ مارچ 4-سي ڪيريئر راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو جيڪو ڪاميابي سان پنهنجي مقرر مدار ۾ داخل ٿي ويو آهي. اهو سيٽلائيٽ بنيادي طور تي خلائي ماحول جي جاچ ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي جي تجربن لاءِ استعمال ٿيندو. اها لانچنگ لانگ مارچ ڪيريئر راڪيٽ سيريز جو 589هون مشن آهي.