وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اضافي امدادي سامان جي رسد جو عمل جاري

اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اضافي امدادي سامان جي فراهمي جو عمل جاري آهي جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي وزير ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ رليف آپريشن ۾ حصو وٺندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام شانگله ۽ بونير، …

اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اضافي امدادي سامان جي فراهمي جو عمل جاري آهي جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي وزير ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ رليف آپريشن ۾ حصو وٺندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام شانگله ۽ بونير، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير ضلع بونير، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مانسهره ۽ وزيراعظم جو خاص معاون مبارڪ زيب ضلع باجوڙ ۾ امدادي سامان جي ٻوڏ متاثرن ۾ امداد جي ورهاست جي نگراني ڪندا. ان کان پهرين به انجنيئر امير مقام وزيراعظم جي خاص هدايتن تي سڄو ڏينهن ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گذاريو ۽ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪئي ۽ امدادي سامان جي رسد جو پاڻ جائزو ورتو. وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي ٻوڏ متاثر سمورن ضلعن ۾ رليف آپريشن ڪري رهي آهي. پاڪ فوج سميت ٻيا سمورا خدمتي ادارا ۽ اين جي اوز به رليف جي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن. وزيراعظم، ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر سمورن ضلعن ۾ اين ڊي ايم اي جي امدادي ڪارروائين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. پي ايم رليف پئڪيج تحت امدادي سامان تي ٻڌل وڌيڪ ٽرڪون متاثر ضلعن ڏانهن موڪليون پيون وڃن. امدادي سامان ۾ راشن، خيما ۽ دوائون شامل آهن، سامان ضلعي انتظاميه جي حوالي ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي ادارن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ امدادي سرگرمين کي وڌيڪ مربوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي صوبائي حڪومتن سميت پي ڊي ايم ايز/ جي بي ڊي ايم اي سان گڏجي متاثر علائقن ۾ امداد جي حوالي سان ترجيحي فهرستن کي حتمي صورت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرن کي سان گڏ بيٺل آهيون.