اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور نارٿ جو بونير، شانگلا ۽ سوات جي مختلف علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي جنهن تحت پاڪ فوج جا وڌيڪ جٿا ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پهچي ويا ۽ امدادي ۽ بحالي جو ڪم سنڀالي ورتو، جڏهن ته ڪور آف انجنيئرز جي جٿن به ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ موسم جي خرابي باوجود پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر …
پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور نارٿ پاران بونير، شانگلا ۽ سوات ۾ ريسڪيو آپريشن جاري، وڌيڪ جٿا ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پهچي ويا
اسلام آباد -17 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور نارٿ جو بونير، شانگلا ۽ سوات جي مختلف علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي جنهن تحت پاڪ فوج جا وڌيڪ جٿا ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پهچي ويا ۽ امدادي ۽ بحالي جو ڪم سنڀالي ورتو، جڏهن ته ڪور آف انجنيئرز جي جٿن به ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ موسم جي خرابي باوجود پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر ريسڪيو مشن ۾ مصروف آهن. آرمي چيف جي هدايتن موجب پاڪ فوج پاران هڪ ڏينهن جو راشن پڻ ضرورتمند ماڻهن تائين پهچايو پيو وڃي، پاڪ فوج جي ڊاڪٽرن متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپ پڻ لڳائي آهي، جتي مفت دوائون ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. بونير جي ڳوٺ چوراڪ ۾ پاڪ فوج جا جٿا ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن، آدم خيل ۾ تباهه ٿيل گهرن جي ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جي بحالي جو سلسلو جاري آهي. سمورن متاثر ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ ۽ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ تائين آپريشن جاري رهندو. پاڪ فوج طرفان متاثر خاندانن کي ضروري شين جي فراهمي پڻ ڪئي وئي آهي جن ۾ راشن ۽ بسترا شامل آهن. پاڪ فوج طرفان متاثر ماڻهن لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. عوام سمورن ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪ فوج جو شڪريو ادا ڪيو آهي.











