اسلام اباد -16 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته خيبرپختونخوا ۽ پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ تازين طوفاني برساتن ۽ اوچتو آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان ۽ تباهي تي افسوس ڪيو آهي، هتي قومي امدادي سرگرمين ۽ انهن سان يڪجهتي لاءِ پنهنجو برطانيه جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن چيو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيه جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو
اسلام اباد -16 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته خيبرپختونخوا ۽ پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ تازين طوفاني برساتن ۽ اوچتو آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان ۽ تباهي تي افسوس ڪيو آهي، هتي قومي امدادي سرگرمين ۽ انهن سان يڪجهتي لاءِ پنهنجو برطانيه جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن چيو ته اسان جي دل انهن خاندانن سان گڏ آهي، جن پنهنجا پيارا وڃايا آهن، يا جيڪي زخمي ٿيا آهن، يا جن جا گهر ۽ روزگار تباهه ٿي ويو آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان حڪومت سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ متحرڪ آهي، ته جيئن متاثر ماڻهن کي امداد فراهم ڪري سگهجي ۽ ريسڪيو آپريشن ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا، هٿياربند فوج ۽ مقامي انتظاميه متاثر علائقن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۽ شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف هڪ هنگامي اجلاس جي صدارت ڪئي آهي ۽ حڪومت ويجهي هم آهنگي سان فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ متاثر علائقن جي ڊگهي عرصي تائين بحالي لاءِ منصوبابندي ڪري رهي آهي. هن چيو ته برطانيه ۾ نائب وزيراعظم انجيلا ريز، دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي آيورڪوربوچي، برطانوي پرڏيهي مملڪتي وزير هيمش فالڪنر ۽ هائوس آف ڪامنز هائوس آف لارڊز جي ميمبرن سان اڳواٽ طئي ٿيل سرڪاري شيڊول کان علاوه برٽش پاڪستاني ڪميونٽي سان ڄاڻايل ملاقاتون ملتوي ڪري رهيا آهيون. اهو فيصلو انهن متاثر خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار، تعزيت ۽ قومي سطح تي جاري امدادي ۽ بحالي وارين سرگرمين تي ڌيان رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪميونٽي ايونٽ جي سمورن انتظام ڪندڙن سان دلي معذرت ڪيون ٿا. اسحاق ڊار چيو ته مان سمورن پاڪستانين سان، چاهي اهي ملڪ ۾ هجن يا پرڏيهه ۾ انهن کي اپيل ڪيان ٿو ته هو متاثره خاندانن کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکن ۽ جنهن حد تائين ممڪن هجي، امدادي سرگرمين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. واضح رهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي 17 کان 19 آگسٽ 2025ع تائين برطانيه جو سرڪاري دورو ڪرڻو هو.











