اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) جاپان حڪومت پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ جاپان جي سفارتخاني طرفان جاري بيان موجب 16 آگسٽ تي پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان تي جاپان جي وزيراعظم اشيبا شيگيرو اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قيمتي حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. …
جاپان حڪومت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي تعزيت جو اطهار
اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) جاپان حڪومت پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ جاپان جي سفارتخاني طرفان جاري بيان موجب 16 آگسٽ تي پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان تي جاپان جي وزيراعظم اشيبا شيگيرو اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قيمتي حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم اشيبا چيو ته مون کي اهو ٻڌي انتهائي افسوس ٿيو ته پاڪستان جي اترين حصن ۾ آيل بوڏ سبب ڪيتريون قيمتي حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن. هن جاپان جي حڪومت طرفان فوت ٿيل ماڻهن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ نيڪ تمنان جو اظهار ڪيو.












