اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سوات ۾ آيل ٻوڏ دوران امدادي ڪارروائين ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندي ڪيتريون ئي قيمتي حياتيون پنهنجي مدد پاڻ تحت بچائيندڙ رضاڪر محمد هلال ۽ عصمت علي کي وزيراعظم طرفان 10-10 لک روپين جا چيڪ ڏنا. جاري بيان موجب اهي چيڪ وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان، محمد هلال ۽ عصمت علي کي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڏنا. …
انجنيئر امير مقام سوات ۾ ٻوڏ دوران بهادري جو مظاهرو ڪندڙ نوجوانن کي چيڪ ڏنا

مزید خبریں
اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سوات ۾ آيل ٻوڏ دوران امدادي ڪارروائين ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندي ڪيتريون ئي قيمتي حياتيون پنهنجي مدد پاڻ تحت بچائيندڙ رضاڪر محمد هلال ۽ عصمت علي کي وزيراعظم طرفان 10-10 لک روپين جا چيڪ ڏنا. جاري بيان موجب اهي چيڪ وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان، محمد هلال ۽ عصمت علي کي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڏنا. اها روڪ انعام سندن دليري ۽ وقت سر امدادي ڪارروائين عيوض ڏني وئي آهي. محمد هلال ۽ عصمت علي کي سوات سانحي دوران ڪيتريون ئي حياتيون بچائڻ تي انعام ڏنو ويو. انجنيئر امير مقام ٻنهي رضاڪارن کي غير معمولي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سندن قدم انسانيت ۽ حب الوطني جو حقيقي مثال آهن. امير مقام چيو ته انهن نوجوانن پنهنجي حياتين کي خطري ۾ وجهي ٻين جي مدد ڪئي. سندن بهادري اميد جو ڪرڻو آهي. امير مقام چيو ته حڪومت اهڙن ماڻهن کي تسليم ڪرڻ ۽ سندن حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪي بحران دوران قوم جي خدمت ۾ اڳيان اڳيان هوندا آهن، سمورن رضاڪارن ۽ امدادي ڪارڪنن جو به شڪريو ادا ڪيان ٿو جن ٻوڏ دوران امدادي ڪارروائين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. رضاڪارن وزيراعظم ۽ وفاقي وزير جو پڻ شڪريو ادا ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو آئينده به هر موقعي تي قوم جي خدمت ڪندا رهندا. ان موقعي تي اڳوڻو صوبائي وزير محمد علي شاهه به موجود هو.











