خيبر پختونخوا ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران برساتن ۽ ٻوڏ سبب 307 ماڻهو فوت، 23 زخمي ٿيا: پي ڊي ايم اي

پشاور -16 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران برساتن ۽ سخت ٻوڏ ۾ 307 ماڻهو فوت جڏهن ته 23 زخمي ٿي پيا آهن. صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي  خيبرپختونخوا طرفان گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق گذريل 48 ڪلاڪن دوران  ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب …

پشاور -16 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران برساتن ۽ سخت ٻوڏ ۾ 307 ماڻهو فوت جڏهن ته 23 زخمي ٿي پيا آهن. صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي  خيبرپختونخوا طرفان گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق گذريل 48 ڪلاڪن دوران  ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ هن وقت تائين 307  ماڻهو فوت ۽ 23 زخمي ٿي پيا آهن، فوت ٿيل ماڻهن ۾  279 مرد، 15 عورتون ۽ 13 ٻار شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ 17 مرد، 4 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن. برساتن ۽ خطرناڪ ٻوڏ سبب هن وقت تائين مجموعي طور تي 74 گهرن کي نقصان پهتو آهي جن ۾ 63 گهرن کي جزوي نقصان جڏهن ته 11 گهر مڪمل ڊگهي چڪا آهن. پي ڊي ايم اي موجب شديد برسات جو موجوده سلسلو 21 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جا امڪان آهن.