باجوڙ لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ خيبرپختونخوا حڪومت جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه، 5 ڄڻا شهيد

پشاور-15 آگسٽ (اي پي پي) باجوڙ جي برسات متاثر علائقن لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ صوبائي حڪومت جو ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر خراب موسم سبب ڪري تباهه ٿي ويو. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته ان افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن پائليٽن سميت عملي جا 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا. صوبائي حڪومت ڇنڇر ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو …

پشاور-15 آگسٽ (اي پي پي) باجوڙ جي برسات متاثر علائقن لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ صوبائي حڪومت جو ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر خراب موسم سبب ڪري تباهه ٿي ويو. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته ان افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن پائليٽن سميت عملي جا 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا. صوبائي حڪومت ڇنڇر ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. اڄ صوبي ۾ قومي جهنڊو جهڪيل رهندو، حادثي واري هنڌ تي امدادي ٽيمون روانيون ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته شهيدن جي مڙهن کي پوري سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته شهيدن جي ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪريون ٿا. هن چيو ته هيلي ڪاپٽر عملي ٻين کي بچائڻ لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪيون اهي اسان جا اصل هيرو آهن.