اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران شديد برساتن، ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ وڄ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 150 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا آهن. واقعن ۾ فوت ٿيلن ۾ مرد 128، 9 عورتون ۽ 13 ٻار شامل آهن. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب شديد برساتن سبب گلگت ۾ 5 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 9 ڄڻا فوت ٿيا. خيبرپختونخوا …
خيبرپختونخوا ۾ شديد برساتن، ٻوڏ ۽ ٻين حادثن ۾ 150 ڄڻا فوت

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران شديد برساتن، ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ وڄ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 150 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا آهن. واقعن ۾ فوت ٿيلن ۾ مرد 128، 9 عورتون ۽ 13 ٻار شامل آهن. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب شديد برساتن سبب گلگت ۾ 5 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 9 ڄڻا فوت ٿيا. خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا زخمي ٿيا. متاثر علائقن ۾ پي ڊي ايم اي، پاڪ فوج، ضلعي انتظاميه، ريسڪيو 1122 ۽ مقامي رضاڪار امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته اين ڊي ايم اي سمورين ڪاررواين جي هڪ ئي وقت نگراني ڪري رهي آهي، ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ضروري قدم يقيني بڻائي رهيا آهن. اين ڊي ايم اي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته برسات ۽ ٻوڏ دوران احتياط کان ڪم وٺن ۽ حفاظتي اپائن تي عمل ڪن.











