اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري ۽ پاور ڊويزن واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان کي صدر پاران پاور ڊويزن ۾ بي مثال خدمتن، هزارين ارب روپين جي قومي بچت ۽ سڌارن تي ٻڌل خدمتن جي اعتراف ۾ هلال امتياز ۽ ستاره امتياز جي قومي اعزازن سان نوازيو ويندو. پاور ڊويزن موجب کين 23 مارچ 2026ع تي اعزاز عطا …
وفاقي وزير اويس احمد لغاري ۽ وفاقي سيڪريٽري محمد فخر عالم عرفان کي صدر پاران پاور سيڪٽر ۾ بي مثال خدمتن تي هلال امتياز ۽ ستاره امتياز سان نوازيو ويندو

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري ۽ پاور ڊويزن واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان کي صدر پاران پاور ڊويزن ۾ بي مثال خدمتن، هزارين ارب روپين جي قومي بچت ۽ سڌارن تي ٻڌل خدمتن جي اعتراف ۾ هلال امتياز ۽ ستاره امتياز جي قومي اعزازن سان نوازيو ويندو. پاور ڊويزن موجب کين 23 مارچ 2026ع تي اعزاز عطا ڪيا ويندا. واضح رهي ته وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري کي پاور ڊويزن ۾ گردشي قرضن ۾ 780 ارب روپين جي تاريخي گهٽتائي، 191 ارب روپين جي قومي بچت، بجلي سهولت ذريعي خطي جي سستي ترين بجلي جي فراهمي ۽ آءِ پي پيز سان معاهدن جي تجديد سان 3400 ارب روپين جي قومي بچت، ملڪي بجلي جي مستقبل جي منصوباندي ۾ 4000 ارب روپين جي بچت سان گڏوگڏ هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ سسٽم ۾ انقلابي سڌارن جي نتيجي ۾ اعزازن سان نوازيو ويندو.











