پاڪستان جي پائيدار ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏو چئلينج آبادي ۾ واڌ، غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ شامل آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي پائيدار ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏو چئلينج آبادي ۾ تيزي سان واڌ، غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ آهي جنهن جو سڌي ريت تعلق غربت ۽ وسيلن جي کوٽ سان بڻجي ٿو. ايڊوانس اسٽريٽجڪ پاپوليشن ڊولپمينٽ فريم ورڪ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪي …

اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي پائيدار ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏو چئلينج آبادي ۾ تيزي سان واڌ، غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ آهي جنهن جو سڌي ريت تعلق غربت ۽ وسيلن جي کوٽ سان بڻجي ٿو. ايڊوانس اسٽريٽجڪ پاپوليشن ڊولپمينٽ فريم ورڪ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪي جي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ عورتن جي اڪثريت آئرن ڊيفيشنسي ۽ غذائي کوٽ جو شڪار آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪمزور ۽ ذهني طور  پٺتي پيل ٻارن جي پيدائش جا امڪان وڌي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال نه رڳو ماءُ جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي پر ايندڙ نسل جي جسماني ۽ ذهني صلاحيتن کي به متاثر ڪري ٿي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ٻارن جو انگ وسيلن موجب هجي ته اسان کين بهتر غذائيت، معياري تعليم، روزگار جا موقعا ۽ بهتر زندگي فراهم ڪري سگهون ٿا. آبادي ۾ توازن نه رڳو تعليمي ادارن ۽ صحت جي سهولتن جي رٿابندي ۾ مددگار هوندو پر روزگار جي فراهمي، سماجي امن ۽ معاشي استحڪام کي به يقيني بڻائيندو. پاڻي جي کوٽ جي وڌندڙ خطرن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته گذريل 30 کان 40 سالن ۾ في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ چئوڻ کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي چڪي آهي. آبادي ۾ مسلسل واڌ جي صورت ۾ پاڻي جي کوٽ، سوڪهڙي ۽ غذائي بحران جهڙا مسئلا سنگين ٿي وڃن ويندا. هن واضح ڪيو ته آبادي ۾ واڌ جي شرح تي ضابطو آڻڻ ڪنهن مذهبي تعليم جي ابتڙ ناهي، پر قرآن مجيد ۾ ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو رکڻ جي حڪمت موجود آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته رٿابندي واري وزارت سمورن ترقياتي منصوبن جو بنياد مستقبل جي آبادي جي ڳاڻيٽي تي رکيو وڃي ٿو ۽ پائيدار ترقي ان وقت ممڪن آهي جڏهن آبادي ۽ وسيلن ۾ توازن قائم رکيو وڃي. وفاقي وزير ڪالهه اسلام آباد ۾ ”آبادي ۽ ترقي“ بابت نيشنل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته آبادي جو مسئلو رڳو انگن اکرن جو ناهي، پر هي ملڪ جي ترقي ۽ مستقبل لاءِ نهايت اهم آهي. هن چيو ته اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان بکيا، بيمار ۽ ڪمزور نسلون پيدا ڪريون يا صحتمند، توانا ۽ ذهين قوم تيار ڪريون. وفاقي وزير انگ اکر پيش ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ 10 لک کان وڌي چڪي آهي، 2050ع تائين ان جو انگ 38 ڪروڙ 50 لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن وقت ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي آهي، جيڪا قومي ترقي جو قيمتي اثاثو آهي. هن چيو ته اسان جو دين آبادي جي نظم ۽ ضبط خلاف ناهي ۽ اڄ جي دور ۾ ڪنهن قوم جي اصل طاقت انهن جي صلاحيت ۽ مهارت ۾ هوندي آهي نه وري انگ ۾ واڌ ۾. آبادي ۾ تيز رفتار واڌ سان روزگار، صحت، خوراڪ ۽ پاڻي جي دستيابي جهڙن اهم شعبن ۾ شديد خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. وفاقي وزير زور ڀريو ته ٻارن جي انگ ۽ دستياب وسيلن ۾ توازن قائم ڪري انهن جي صحت ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن مقصد لاءِ وفاق ۽ صوبن کي پاليسين جي تسلسل ۽ وسيلن جي انصاف ڀري ورڇ يقيني بڻائڻي پوندي. هن چيو ته عورتن جي ورڪ فورس ۾ شموليت کي 50 سيڪڙو تائين وڌائڻ اڻٽر آهي ته جيئن معيشت ۾ ڀرپور حصو وجهي سگهجي، آبادي جي مسئلي تي موثر حڪمت عملي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا سمورن صوبن سان مشاورت ڪندي ۽ اڄ جي ورڪشاپ جي سفارشن کي عملي فريم ورڪ ۾ شامل ڪيو ويندو.