وزيراعظم پاران اين ڊي ايم اي کي خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي سان تعاون جاري رکڻ، انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ سمورو تعاون فراهم ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت

اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اين ڊي ايم اي کي خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي سان تعاون جاري رکڻ، انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ سمورو تعاون فراهم ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ …

اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اين ڊي ايم اي کي خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي سان تعاون جاري رکڻ، انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ سمورو تعاون فراهم ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ تازين برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هنگامي اجلاس ٿيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ وزيراعظم کي ملڪ جي اترئين حصن ۾ ڪلائوڊ برسٽ، فليش فلڊز سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي اجلاس ۾ نقصانن جو جائزو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي سان تعاون جاري رکڻ، انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ سمورو تعاون فراهم ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي چيئرمين کي خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت سان ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين جي لاءِ رابطا وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي چيئرمين کي اها به هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه حڪومت کي تنبو، دوائون، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو امدادي سامان فوري طور تي پهچايو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته ترجيحي بنيادن تي امدادي سامان کي ٽرڪن جي ذريعي فوري موڪليو وڃي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن ۽ سياحن کي فوري محفوظ جاين تي پهچايو وڃي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه ۾ تازي ڪلائوڊ برسٽ ۽ فليش فلڊز جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي آهي ته هو صوبائي حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ هر قسم جي مدد ڪري، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي هر قسم جي مدد ڪندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت دوائون، تنبو ۽ کاڌي پيتي جون شيون موڪلي رهي آهي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون سموريون همدرديون متاثرين سان گڏ آهن.