ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ هڪ ئي ڏينهن ٽي اهم اجلاس، سرڪاري منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٽن اهم سرڪاري منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاسن جي صدارت ڪئي. اهي منصوبا ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ وزيراعظم جي ويزن ۽ هدايتن موجب لانچ ڪيا ويندا ته جيئن انهن جي وقت سر شروعات کي يقيني بڻائي سگهجي. اهي منصوبا جيڪي سماجي اثر پيدا ڪرڻ ۽ قومي ترقياتي هدفن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ …

اسلام آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٽن اهم سرڪاري منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاسن جي صدارت ڪئي. اهي منصوبا ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ وزيراعظم جي ويزن ۽ هدايتن موجب لانچ ڪيا ويندا ته جيئن انهن جي وقت سر شروعات کي يقيني بڻائي سگهجي. اهي منصوبا جيڪي سماجي اثر پيدا ڪرڻ ۽ قومي ترقياتي هدفن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن، لاڳاپيل وزارت، ريگوليٽري ادارن، مالياتي ادارن ۽ فني حصيدارن جي ويجهي تعاون سان لاڳو ڪيا پيا وڃن. پهرين اجلاس ۾ پاڪستان اسڪلز امپيڪٽ بانڊ جو جائزو ورتو ويو، جيڪو ملڪ جو پهريون نتيجن تي ٻڌل ۽ اثرن سان گڏيل فنانسنگ جو اوزار آهي جيڪو مقامي سطح تي تيار ڪيو پيو وڃي. هي منصوبو وزيراعظم طرفان قائم ڪيل ناڻي واري وزارت جي قيادت هيٺ ڪميٽي تحت بڻايا ويا، سوشل امپيڪٽ فنانسگ فريم ورڪ تحت جوڙيو ويو آهي. ناڻي واري وزير ان بانڊ کي هڪ ”رهنما منصوبي“ طور پيش ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، جيڪو نه رڳو فوري ترقياتي ضرورتن کي پورو ڪري پر ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڊونرز جو به ڌيان ڇڪائي. ٻي اجلاس ۾ نيشنل سبسٽنس فارمرز سپورٽ اسڪيم (NSFSS) جو جائزو ورتو ويو، جيڪو آبادگارن لاءِ رسائي ۽ ماليات جي فريم ورڪ جو هڪ فليگ شپ منصوبو آهي. هن اسڪيم تحت 12.5 سيڪڙو يا ان کان گهٽ زمين رکندڙ يا پوکيندڙ ننڍن آبادگارن کي بنا ضمانت جي ڊجيٽل بئنڪ قرض فراهم ڪيا ويندا. زمين ۽ پوکي جا انگ اکر لينڊ انفارميشن اينڊ مينيجمينٽ سسٽم ذريعي حاصل ڪري بئنڪن جي ڪريڊٽ اسڪورنگ ماڊلز ۾ شامل ڪيا ويندا ته جيئن آبادگارن ي مناسب وياج جي شرح تي قرض ملي سگهي ۽ مهانگي غير رسمي قرضن کان بچي سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي جو خلائي ٽيڪنالاجي قومي سطح تي زرعي قرضن جي فيصلن کي متاثر ڪندي ۽ هي ٻهراڙي جي ماليات ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. ٽئين اجلاس ۾ وزيراعظم فين ريپليسمنٽ پروگرام جو جائزو ورتو ويو، جيڪو توانائي جي بچت جو هڪ منصوبو آهي ۽ نيشنل انرجي ايفيشنسي اينڊ ڪنزر ويشن اٿارٽي ۽ بئنڪن جي تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي. هن منصوبي تحت صارفين پنهنجن پراڻن سيلن فينز کي توانائي بچائڻ لاءِ جديد ماڊلز تي تبديل ڪري سگهندا ۽ ناڻي واري وزارت بئنڪن جي شموليت لاءِ معمولي ضمانت فنڊ فراهم ڪندي.آن لائن پورٽل ذريعي مڪمل ڊجيٽل عمل کي يقيني بڻايو ويو آهي جڏهن ته پنکا ٺاهيندڙ مقامي ڪمپنين کي به شامل ڪيو ويو آهي جيڪي پيداوار ۾ واڌ ڪري روزگار ۽ ايس ايم اي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪنديون. ناڻي واري وزير چيو ته اهي منصوبا رڳو پنکا بدلائڻ جو ناهي پر توانائي جي بچت کي گهريلو فيصلن ۾ شامل ڪرڻ جو آهي، ناڻي واري وزير ٽنهي منصوبن جي فوري شروعات تي زور ڀريندي سمورين لاڳاپيل وزارتن، کاتن ۽ حصيدارن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ انهن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ رفتار تيز ڪن.هن چيو ته انهن منصوبن جي وقت سر تڪميل حڪومت جي ڪارڪردگي، عوامي خدمت ۽ نتيجا ڏيڻ جي عزم جو واضح پيغام ڏيندي. ناڻي واري وزير چيو ته اهي منصوبا نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي قابل توسيع ماڊل طور پيش ڪري سگهجن ٿا ۽ انهن جي موثر تڪميل سان دنيا کي اهو پيغام ملندو ته پاڪستان تيار آهي، جدت لاءِ، حصيداري لاءِ ۽ پنهنجي عوام لاءِ حقيقي نتيجا ڏيڻ لاءِ تيار آهي.