مانسهره ۾ ڪڪر ڦاٽڻ ۽ طوفاني برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 13 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

ايبٽ آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) ضلعي مانسهره جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر ڦاٽن ۽ مسلسل طوفاني برساتن سبب آيل ٻوڏ جي وهڪرن ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت جڏهن ته 26 ڄڻا گم ٿي ويا، هن وقت تائين 12 ڄڻن کي بچايو ويو آهي ۽ ريسڪيو ڪارروايون جاري آهن، بٽل ٿاڻي جي حد ڍهيري حليم ۾ ڪڪر ڦاٽن سبب پيدا ٿيل ٻوڏ واري وهڪري …

ايبٽ آباد-15 آگسٽ (اي پي پي) ضلعي مانسهره جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر ڦاٽن ۽ مسلسل طوفاني برساتن سبب آيل ٻوڏ جي وهڪرن ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت جڏهن ته 26 ڄڻا گم ٿي ويا، هن وقت تائين 12 ڄڻن کي بچايو ويو آهي ۽ ريسڪيو ڪارروايون جاري آهن، بٽل ٿاڻي جي حد ڍهيري حليم ۾ ڪڪر ڦاٽن سبب پيدا ٿيل ٻوڏ واري وهڪري 6 گهرن کي تباهه ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 26 کان 27 ماڻهو ۽ چوپايو مال لڙهي ويو، بعد ۾ شملائي ٿاڻي بٽگرام جي حد مان 9 لاش مليا جن ۾ 6 مرد، 2 عورتون ۽ هڪ ٻار شامل آهن باقي گم ٿيلن جي ڳولا جاري آهي، بالاڪوٽ ٿاڻي جي حد بيسيا ڪٺا ۾ هڪ مهراڻ گاڏي ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته گاڏي ۾ سوار 4 ڄڻن کي بچايو ويو. ڳڙهي حبيب الله ٿاڻي جي حد خير آباد ۾ برسات سبب هڪ گهر ڪرڻ سبب ماءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويون جڏهن ته ملبي هيٺان هڪ معصوم ٻارڙي کي بچايو ويو. ٻين متاثر علائقن ۾ به ريسڪيو ڪارروايون جاري آهن، گذريل ڏينهن ناران ٿاڻي جي حد ۾ سماڪ سر ڍنڍ ۾ برسات سبب ڦاٿل 7 سياحن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، ڳڙهي حبيب الله ٿاڻي جي حد بڙاسي ۾ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب روڊ بند ٿي ويو جنهن کي مانسهره پوليس ۽ ٻين کاتن ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان فوري طور کولي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي اهڙي طرح نواز آباد ۽ ناران ٿاڻي جي حدن ۾ به مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب بند ٿيل اهم رستن کي پوليس، انتطاميه ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان کوليو ويو. انتظاميه عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ندي نالن کان پري رهن، پنهنجي ٻارن تي نظر رکن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي صورت ۾ فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڏين.