اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ تحريڪ آزادي جي ڪارڪنن، باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ سندس قيادت ۾ جدوجھد ڪرڻ وارن سمورن تحريڪ آزادي ۾ حصو وٺندڙن کي زبردست خراج عقيدت ۽ ھٿياربند فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ پيش ڪيل قربانين تي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ٺھراءَ متفقه طور تي منظور ڪري …
سينيٽ جي اجلاس ۾ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ آزادي جي ڪارڪنن کي خراج عقيدت پيش، ھٿياربند فوج ۽ قوم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو متفقه ٺھراءُ منظور
اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ تحريڪ آزادي جي ڪارڪنن، باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ سندس قيادت ۾ جدوجھد ڪرڻ وارن سمورن تحريڪ آزادي ۾ حصو وٺندڙن کي زبردست خراج عقيدت ۽ ھٿياربند فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ پيش ڪيل قربانين تي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ٺھراءَ متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. ٺھراءِ قانون ۽ انصاف جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو. ٺھراءِ ۾ تحريڪ آزادي جي ڪارڪنن، بابائي قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ سندس قيادت ۾ جدوجھد ڪرڻ وارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ان سان گڏو گڏ پاڪستان جي آئين جي خالق ميمبرن پارليامينٽ جي خدمتن کي به ساراھيو. ايوان ھٿياربند فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ پيش ڪيل قربانين کي واکاڻ جوڳو قرار ڏنو. ٺھراءِ ۾ ان عزم جو اظھار ڪيو ويو ته ملڪي سلامتي، آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ وارا سمورا پاڪستان جا قوم جا ھيرو آھن. ٺھراءِ ۾ نوجوانن تي زور ڀريو ويو ته ھو سياسي اختلافن کان مٿاهون ٿي ڪري قومي يڪجھتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. سموري پاڪستاني قوم کي پاڪستان جي قيام جي عظيم ڪارنامي ۽ 78 ھين آزادي جي ڏھاڙي جون مبارڪون ڏنيون ويون.












