ڀارت جي آزادي جي ڏھاڙي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بليڪ آئوٽ آھي: مشعال ملڪ

اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) حريت ليڊر ياسين ملڪ جي گھر واري مشعال ملڪ چيو آھي ته ڀارت جي آزادي واري ڏھاڙي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بليڪ آئوٽ ۽ فضا ۾ سوڳ ۽ خاموشي ڇانيل آھي. جاري بيان ۾ ھن چيو ته سڄي وادي ۾ روڊ ويران، جڳھه جڳھه تي ناڪا ۽ سڄي علائقي کي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، عوام …

اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) حريت ليڊر ياسين ملڪ جي گھر واري مشعال ملڪ چيو آھي ته ڀارت جي آزادي واري ڏھاڙي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بليڪ آئوٽ ۽ فضا ۾ سوڳ ۽ خاموشي ڇانيل آھي. جاري بيان ۾ ھن چيو ته سڄي وادي ۾ روڊ ويران، جڳھه جڳھه تي ناڪا ۽ سڄي علائقي کي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، عوام کي گھرن کان نڪرڻ جي اجازت  ناھي، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري مرڪز بند آھن، انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي ذريعن تي سخت پابنديون لاڳو آھن. مشعال ملڪ چيو ته ڀارت ڪجھه به ڪري پر ڪشمير جي آزادي جي چراغ کي وسائي نه ٿو سگھي، اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ڪشميري به آزادي سان زندگي گذارندا.