اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي مارجڻ تي خيبرپختونخواهه پوليس جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگرد حملن ۾ شهيد ٿيندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي …
صدر پاران ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي مارجڻ تي خيبرپختونخواهه پوليس جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي مارجڻ تي خيبرپختونخواهه پوليس جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگرد حملن ۾ شهيد ٿيندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي جوانن جي قربانين کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته قوم پنهنجي بهادر سپاهين ۽ پوليس جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. صدر چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس پنهنجي شجاعت ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن سان ڀارتي سرپرست دهشتگردن جا حملا ناڪام بڻايا. صدر آصف علي زرداري چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس جا جانباز جوان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين تي آهن ۽ پوري قوم انهن تي فخر ڪري ٿي، پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.












