اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض قوت جي تازي بيانن جن ۾ ”گريٽر اسرائيل“ جي نام نهاد فرضي رياست قائم ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي ۽ غزه مان فلسطينين کي جبري بي دخل ڪرڻ جي اسرائيلي سازش جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي رد ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀري ٿو …
پاڪستان پاران اسرائيلي قابض قوت جي تازي بيانن جي مذمت
اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض قوت جي تازي بيانن جن ۾ ”گريٽر اسرائيل“ جي نام نهاد فرضي رياست قائم ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي ۽ غزه مان فلسطينين کي جبري بي دخل ڪرڻ جي اسرائيلي سازش جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي رد ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀري ٿو ته اها اهڙي اشتعال انگيز تصورن کي رد ڪري جيڪي عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته اهڙا بيان والاريل قوت جي غيرقانوني قبضي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار آهن، جڏهن ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورين عالمي ڪوششن جي لاءِ اسرائيل جي مڪمل بي حسي کي پڻ ظاهر ڪن ٿا. عالمي برادري کي فوري ۽ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن والاريل طاقت کي خطي کي وڌيڪ غيرمستحڪم کان روڪي سگهجي ۽ فلسطينين جي خلاف جاري ان جي ظلم ۽ ڏوهن کي ختم ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز حقن، بشمول خودمختياري جي حق ۽ 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل القدس الشريف کي گادي وارو شهر بڻائيندي هڪ آزاد، مستحڪم ۽ ٺوس فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حق جي مڪمل حمايت جي وچن جي تجديد ڪري ٿو.












