وزيراعظم پاران خصوصي اقتصادي زون ۾ چيني ڪمپني جي سيڙپڪاري جي آجيان

اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خصوصي اقتصادي زون ۾ چيني ڪمپني جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هن خصوصي اقتصادي زون جي قائم ٿيڻ سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي، مهارت جي ترقي ۽ پائيدار صنعتي ترقي ۾ مدد ملندي. پاڪستان ٽيڪسٽائل شعبي ۾ چين جي ترقي ۽ مهارت مان فائدو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري …

اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خصوصي اقتصادي زون ۾ چيني ڪمپني جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هن خصوصي اقتصادي زون جي قائم ٿيڻ سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي، مهارت جي ترقي ۽ پائيدار صنعتي ترقي ۾ مدد ملندي. پاڪستان ٽيڪسٽائل شعبي ۾ چين جي ترقي ۽ مهارت مان فائدو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب گارمنٽس انڊسٽري سان لاڳاپيل چيني گروپ "چيلنج فيشن پرائيويٽ لميٽيڊ” جي هڪ وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي چئلينج فيشن پرائيويٽ لميٽيڊ جي چيئرمين هوآنگ وئيگو ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري، وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدار موجُود هُئا. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي دنيا ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿي. ٻئي ملڪ هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، پاڪستان جي حڪومت چين- پاڪستان دوستي کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي خواهشمند آهي. هُن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته چين- پاڪستان اقتصادي لنگهه جي صنعتي حصي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيُون. وزيراعظم چيني صنعتن جي پاڪستان ۾ پنهنجا يونٽ قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چئلينج فيشن گروپ جي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ اعتماد جي واکاڻ ڪندي چيو ته هُو چئلينج گروپ پاران پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زون ۾ آجيان ڪري ٿو، جيڪو ٽيڪنالاجي جي منتقلي، مهارت جي ترقي ۽ پائيدار صنعتي ترقي ۾ مدد ڪندو. وزيراعظم چئلينج گروپ کي خصوصي اقتصادي زون جي حوالي سان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان ٽيڪسٽائل شعبي ۾ چين جي ترقي ۽ مهارت مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته جلد ئي چين ۾ چين-پاڪستان بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، اها ڪانفرنس چين ۽ پاڪستان جي نجي ڪاروباري ادارن کي سهڪار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي. چيئرمين چئلينج فيشن گروپ پاڪستان ۾ شاندار ميزباني ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ وزيراعظم کي ٻڌايو ته چئلينج فيشن گروپ 2014 کان وٺي پاڪستان ۾ 17 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري چُڪو آهي. چئلينج فيشن گروپ پاڪستان ۾ هڪ جديد ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۽ هڪ خصوصي اقتصادي زون قائم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هِن خصوصي اقتصادي زون وسيلي 5 سالن ۾ 100 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ 400 ملين آمريڪي ڊالر جي برآمدات جي اميد آهي. ملاقات کان پوءِ وزيراعظم چئلينج گروپ خصوصي اقتصادي زون جو افتتاح پڻ ڪيو.