وزيراعظم پاران بٽگرام ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب پيدا ٿيل ٻوڏ جي صورتحال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي بٽگرام ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب پيدا ٿيل ٻوڏ جي صورتحال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ريسڪيو آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ جي ريلي ۾ لُڙهي فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي …

اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضلعي بٽگرام ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب پيدا ٿيل ٻوڏ جي صورتحال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ريسڪيو آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ جي ريلي ۾ لُڙهي فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ مُتاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم زخمين کي فوري ۽ هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.