راولپنڊي-14 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشماد مرزا، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان پاڪستان جي 78هين يومِ آزاديءَ جي ڏهاڙيءَ جي پُرمسرت موقعي تي قوم کي دلي مبارڪون پيش ڪيون ويون. جيڪو اتحاد، عزم ۽ …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشماد مرزا، پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن ۽ هٿياربند فوج جي يومِ آزاديءَ جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪباد
راولپنڊي-14 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشماد مرزا، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان پاڪستان جي 78هين يومِ آزاديءَ جي ڏهاڙيءَ جي پُرمسرت موقعي تي قوم کي دلي مبارڪون پيش ڪيون ويون. جيڪو اتحاد، عزم ۽ هڪ روشن مستقبل لاءِ هڪ پُختي عزم جي فتح جي علامت آهي. آزاديءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي آءِ ايس پي آر کان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان پاڪستان جي بانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. اسان قائداعظم محمدعلي جناح جي بصيرت انگيز قيادت ۾ ان جي اڻمٽ جذبي، عزم ۽ بي مثال قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. ان جي همت، دورانديشي ۽ آزاديءَ جي مقصد تي پُختو يقين، رهنمائيءَ جو روشن مينار آهي. هٿياربند فوج ان بصيرت افروز اڳواڻن ۽ جوانن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي جن اسان جي قوم جي بنياد رکي، ان جي ميراث کي گهري عقيدت ۽ شڪرگذاريءَ سان اڳتي وڌايو. قومي سلامتيءَ جي محافظن طور اسان پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ، آئين جي بالادستي ۽ ان قدرن جي تحفظ لاءِ پنهنجي پُختي عزم کي ورجايون ٿا جيڪي اسان جي قومي سُڃاڻپ جو تعين ڪن ٿيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند فوج ۽ عوام وچ ۾ اڻٽٽ رشتو اسان جي اجتماعي طاقت جو سرچشمو آهي. هن آزاديءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي اچو هڪ پُرعزم، خوشحال ۽ ترقي پسند پاڪستان جي خواب کي تعبير ڏيڻ لاءِ ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي نظرين کي برقرار رکندي امن، ترقي ۽ اتحاد لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايون.












