پشاور-14 آگسٽ (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪُنڊي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اعليٰ سول اعزاز نشانِ امتياز ملڻ تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ گورنر چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ کي اهو اعزاز پاڪستان جي خطي ۽ دنيا ۾ امن، ڀائيچاري جي حوالي سان مثبت مؤقف کي دنيا ۾ مؤثر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ شاندار …
ڪي پي ڪي جي گورنر پاران پ پ چيئرمين کي سول اعزاز نشانِ امتياز ملڻ تي مبارڪون
پشاور-14 آگسٽ (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪُنڊي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اعليٰ سول اعزاز نشانِ امتياز ملڻ تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ گورنر چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ کي اهو اعزاز پاڪستان جي خطي ۽ دنيا ۾ امن، ڀائيچاري جي حوالي سان مثبت مؤقف کي دنيا ۾ مؤثر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ شاندار سفارتي ڪاميابي جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته بهترين قومي خدمت تي بلاول ڀٽو زرداريءَ کي نشان امتياز ملڻ سڄي قوم لاءِ فخر جوڳي آهي.












