يومِ آزاديءَ جي موقعي تي  چيني سفارتخاني پاران ٽوئيٽ

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) چيني سفارتخاني پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي جشنِ آزاديءَ جون مبارڪون ڏيندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. چيني سفارتخاني سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ پاڪ- چين مستحڪم دوستيءَ ۾ واڌ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ دُعا ڪئي. پوسٽ ۾ پاڪ- چين دوست زندهه باد سميت ٻنهي ملڪن …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) چيني سفارتخاني پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي جشنِ آزاديءَ جون مبارڪون ڏيندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. چيني سفارتخاني سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ پاڪ- چين مستحڪم دوستيءَ ۾ واڌ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ دُعا ڪئي. پوسٽ ۾ پاڪ- چين دوست زندهه باد سميت ٻنهي ملڪن جا جهنڊا شيئر ڪيا ويا، جڏهن ته جشنِ آزاديءَ جي مناسبت سان مينارِ پاڪستان جي بيڪ گرائونڊ ۾ سبز هلالي جهنڊي تي ٻَڌل تصوير به شيئر ڪئي وئي.