وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان جي ملاقات

اسلام آباد – 14 - آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان ملاقات ڪئي ۽ کيس آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سينيٽر ايمل ولي خان وزيراعظم کي اي اين پي پاران منعقد آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن تي وزيراعظم اي پي سي ۾ …

اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان ملاقات ڪئي ۽ کيس آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سينيٽر ايمل ولي خان وزيراعظم کي اي اين پي پاران منعقد آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن تي وزيراعظم اي پي سي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران نمائندگي جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. سينيٽر ايمل ولي خان آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ملڪي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا.