اسلام آباد – 14 - آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم تعمير هيٺ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير جي سست رفتار تي ڪاوڙ جو اظهار …
وزيراعظم شهباز شريف پاران اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو، تعمير ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار، جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم تعمير هيٺ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير جي سست رفتار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ ٽي پارڪ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ان منصوبي کي شروعاتي هدايت موجب ٻڌايل مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته منصوبي ۾ عالمي معيار موجب سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، سمورا ذميوار ان منصوبي جي تڪميل جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪن. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي پارڪ 2 زمين هيٺ، گرائونڊ ۽ 9 مٿئين منزلن تي ٻڌل آهي، پارڪ ۾ آفيسون، انڪيوبيشن سينٽر، بزنس سپورٽ سينٽر، تحقيق ۽ ترقي ليبارٽريون، ليول ٿري ڊيٽا سينٽر، آڊيٽوريم ۽ 1200 گاڏين جي پارڪنگ شامل آهي. پارڪ جو مقصد نوجوانن جي لاءِ نوڪريون ۽ معاشي وڌاويجهه کي وڌائڻ، عالمي آءِ ٽي چٽاڀيٽي کي وڌائڻ ۽ ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ آهي.











