پاڪستاني قوم هر ميدان ۾ بي مثال عزم، همت ۽ علم ۽ هنر جا باب لکيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 14 - آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي آزادي جا 78 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم هر ميدان ۾ بي مثال عزم، همت ۽ علم ۽ هنر جا باب لکيا آهن، معرڪه حق پاڪستاني قوم جي دل ۾ هڪ نئين امنگ ۽ جذبو بيدار ڪري ڇڏيو آهي ۽ آزادي جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن، معرڪه حق …

اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي آزادي جا 78 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم هر ميدان ۾ بي مثال عزم، همت ۽ علم ۽ هنر جا باب لکيا آهن، معرڪه حق پاڪستاني قوم جي دل ۾ هڪ نئين امنگ ۽ جذبو بيدار ڪري ڇڏيو آهي ۽ آزادي جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن، معرڪه حق رڳو عسڪري فتح نه آهي پر ٻه قومي نظريي جي صداقت جي فتح آهي، سمورين سياسي پارٽين ۽ طبقن کي اتحاد ۽ اتفاق سان قومي مفادن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ حصيداري عمل جي راهه اختيار ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو اڄ جي ڏينهن الله تعاليٰ جي آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪندي پاڪستان جا 78 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي دلي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته هو باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال سميت تحريڪ آزادي جي بلند همت، دروانديش قائدين ۽ ڪارڪنن کي پڻ سلام پيش ڪري ٿو جن وکريل قوم کي هڪ فڪر، هڪ مشن ۽ هڪ نصب العين تي نه رڳو متحد ڪيو پر پنهنجي ولولا انگيز سياسي جدوجهد جي ذريعي تاريخ جو رخ موڙي هڪ جدا نظرياتي رياست قائم ڪرڻ جي ناممڪن سمجهيو ويندڙ خواب کي تعبير ڪري ڏيکاريو. وزيراعظم چيو ته گذريل 78 سال آزمائش آميز سفر، الله تي ڪامل يقين ۽ شاندار مستقبل جي اميد جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ اسان کي بطور قوم ڪيترن ئي مشڪل مرحلن مان گذرڻو پيو پر ان سڀ جي باوجود پاڪستان هر شعبي ۾ ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا آهن، معيشت کان راندين جي ميدانن ۽ دفاع کان آءِ ٽي تائين، هر شعبي ۾ پاڪستانين پنهنجي بي مثال عزم ۽ همت ۽ علم ۽ هنر جا باب لکيا آهن. هن چيو ته ڀارت جي مڙهيل جنگ 6 کان 10 مئي 2025ع دوران معرڪه حق ۾ پاڪستان جي عظيم فتح 78هين آزادي جي ڏهاڙي جي نه رڳو اهميت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي پر پاڪستانين جي دل ۾ هڪ نئين امنگ ۽ جذبو پڻ بيدار ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان آزادي جي جشن جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان ڀارت جي ان حملي ۾ پنهنجون شاندار روايتون ورجائيندي اسان جي بهادر هٿياربند فوج بُنيان مرصوص بڻجي دشمن جي غرور جو بُت ٽوڙي ڇڏيو، اسان جي شاهينن جي عسڪري مهارت، بهادري ۽ جذبه ايماني دشمن کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، آزادي جي ٿڌي ڇانوَ فراهم ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪريون ٿا. هن چيو ته اها رڳو عسڪري فتح نه هئي پر ٻه قومي نظريي جي صداقت جي پڻ فتح هئي جيڪو ملڪ جي اساس آهي، اسان پنهنجي دفاع ۽ پاڻي وسيلن سميت قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ انهي جذبي سان اڳتي وڌندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سالميت، دفاع ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي امن پسند قوم جي طور تي اهو به ورجايون ٿا ته اسان خطي ۽ دنيا ۾ پرامن گڏيل بقاءَ ۽ ڳالهه ٻولهه جي سفارتي ذريعن سان مسئلن جي حل تي يقين رکون ٿا، ڀارت کي به انهي جذبي سان ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جي حل طرف اچڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت عام شهري جي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، سالن جي مسلسل بار کانپوءِ بجلي جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن سان عوام ۽ صنعتن کي هڪ جهڙو ريليف ملي رهيو آهي، اڄ آئون بطور وزيراعظم خاص طور تي ان عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريان ٿو ته حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ موجوده دور جي نئين معاشي ۽ صنعتي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته سمورين پاليسين ۽ پروگرامن کان قطعي طور تي پاڪستان جي عروج جي پٺيان اصل قوت اسان جو اتحاد آهي، دفاع وانگر معاشي طور تي به فتح نه ٿيڻ جوڳي قومي دفاع ۽ سالميت جي هڪ تمام وڏي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ اسان سڀني کي معرڪه حق ۽ تحريڪ پاڪستان جهڙي پرخلوص جذبي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته آئون سمورين سياسي پارٽين ۽ سمورن طبقن کي اڄ جي ڏينهن پرخلوص آڇ ڪرڻ چاهيان ٿو ته اتحاد ۽ اتفاق سان قومي مفادن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ حصيداري عمل جي راهه اختيار ڪن ته جيئن اسان بحيثيت مجموعي قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي ان منزل سان همڪنار ڪريون جنهن جو خواب پاڪستان قائم ٿيڻ جي صورت ۾ اسان جي بزرگن ۽ شهيدن ڏٺو هو.