اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق 78هين يومِ آزاديءَ واري ڏهاڙي ۽ حق جي ويڙهه جي تاريخي فتح تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي اڳرائي خلاف هي عظيم ڪاميابي جشن آزاديءَ جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ جو سبب بڻي آهي. آزادي هڪ عظيم نعمت آهي جنهن جو جيترو شڪر ادا ڪجي گهٽ آهي، ان جي حفاظت اسان سڀني جي …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران 78هين يومِ آزاديءَ واري ڏهاڙي ۽ حق جي ويڙهه ۾ تاريخي فتح تي قوم کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق 78هين يومِ آزاديءَ واري ڏهاڙي ۽ حق جي ويڙهه جي تاريخي فتح تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي اڳرائي خلاف هي عظيم ڪاميابي جشن آزاديءَ جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ جو سبب بڻي آهي. آزادي هڪ عظيم نعمت آهي جنهن جو جيترو شڪر ادا ڪجي گهٽ آهي، ان جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. آزاديءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام اسان جي وڏڙن جي لازوال قربانين ۽ پاڪستان جي بانين جي ڊگهي جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت جو ڦل آهي. هن چيو ته برصغير جي مسلمانن پنهنجو گهر، ملڪيتون ۽ جانيون تائين قربان ڪري اسان جي لاءِ هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻايو. هن چيو ته اسان جي وڏڙن جون قربانيون اسان لاءِ مشعل راهه آهن. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن ان عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي ته مادرِ وطن خلاف ڪنهن به اڳرائيءَ جي صورت ۾ استقامت ۽ يڪجهتيءَ سان وطن جي بچاءُ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻايو ويندو ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل اختلافن کي پُٺتي رکي متحد ٿي ڪم ڪنداسين. ان موقعي تي هن پاڪستان جي سامونڊي، زميني ۽ فضائي فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هلندڙ سال 6 کان 10 مئي دوران ڀارتي اڳرائيءَ خلاف ”حق جي ويڙهه“ ۾ پاڪستان جي فوج فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي شاندار قيادت ۾ پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي فوج کي شڪست ڏئي ملڪي تاريخ ۾ سونهري باب لکيو. هن چيو ته هي ڪارنامو هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڀارتي اڳرائيءَ دوران پاڪستاني قوم جنهن اتحاد، حوصلي ۽ استقامت جو مظاهرو ڪيو ۽ هٿياربند فوج سان گڏ شيهي جي ڀِت بڻجي بيٺي رهي، اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم هر ڏُکئي وقت ۾ پنهنجي بهادر فوج سان گڏجي دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي اتحاد ۽ قومي عزم ذريعي ناڪام بڻايو. هن مادرِ وطن جي بچاءُ ۽ ملڪ مان فتنه الهندستان جي خاتمي لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته اڄ اسان شهيدن جي قربانين عيوض آزاديءَ جون خوشيون ملهائي رهيا آهيون جن پنهنجو اڄ قوم جي سڀاڻ لاءِ قربان ڪيو. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جو نمائنده ادارو آهي ۽ عوام کي درپيش مسئلن جو حل مؤثر قانونسازي ۽ جامع پاليسين ذريعي ممڪن آهي. هن پارليامينٽ جي ميمبرن کي چيو ته هو سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪي استحڪام ۽ عوام کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.











