حق جي ويڙهه هڪ تازو باب آهي: چوڌري سالڪ حسين

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته حق جي ويڙهه هڪ تازو باب آهي، هن ڊگهي داستان جي شروعات 1947ع کان ٿي ۽ اڄ به لکي پئي وڃي، هي صرف هڪ فوجي فتح ناهي پر ان نظريي جي فتح هئي جنهن تي پاڪستان جو بنياد رکيو ويو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دورانديش …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته حق جي ويڙهه هڪ تازو باب آهي، هن ڊگهي داستان جي شروعات 1947ع کان ٿي ۽ اڄ به لکي پئي وڃي، هي صرف هڪ فوجي فتح ناهي پر ان نظريي جي فتح هئي جنهن تي پاڪستان جو بنياد رکيو ويو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دورانديش ۽ حڪمتِ عملي تي ٻَڌل قيادت ۾ ڀارتي اڳرائيءَ کي ناڪام بڻايو. اهڙو اظهار هن ورڪرز ويلفيئر فنڊز (ڊبليو ڊبليو ايف) جي انتظام هيٺ يومِ آزاديءَ جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ۾ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ جي هيءَ تقريب نه صرف حق جي ويڙهه جي يادگار موقعي جي عڪاسي آهي پر پاڪستان جي 78هين يومِ آزاديءَ جو جشن آهي، اسان جي تاريخ جو هر روشن باب فتحن، اتحاد، قرباني ۽ يقين جي قدرن تي ٻَڌل آهي. پاڪستان جي بقا ۽ عزت صرف سرحدي لڪيرن جو نالو ناهن پر هڪ زندهه نظريي جو تسلسل آهي. هن چيو ته دشمن اسان جي خودمختياريءَ کي للڪاريو ته اسان جي پاڪ فوج ٻُڌائي ڇڏيو ته پاڪستان امن پسند ضرور آهي پر ڪمزور ناهي. هي اهو لمحو هو جڏهن صرف هٿيارن نه پر عزم، نظم و ضبط ۽ ايمان جي طاقت فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. هي ڪاميابي ٽن ڌُرين جو نتيجو هئي، جن ۾ قيادت جي حڪمت عملي، پاڪ فوج جي جرئت ۽ قوم جي دُعائون ۽ مڪمل حمايت شامل آهن، جڏهن قوم ۽ فوج هڪ ٿي وڃن ته دنيا جي ڪابه طاقت کين شڪست نٿي ڏئي سگهي. وفاقي وزير چيو ته 1947ع ۾ اسان جي بزرگن جيڪي قربانيون ڏنيون اهي سبق ڏين ٿيون ته آزادي هڪ نعمت آهي پر ان جو تحفظ هڪ ذميداري آهي جيڪو هر نسل کي نڀائڻو آهي. اڄ نوجوانن کي ڏسي منهنجو يقين مضبوط ٿي وڃي ٿو ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. نوجوانن جي تعليم، ڪردار ۽ سوچ پاڪستان جي تقدير جو تعين ڪري ٿي. هن چيو ته ترقي يافته قومون صرف مادي وسيلن سان نٿيون بڻجن پر پنهنجي نوجوانن جي اخلاقي ۽ فڪري طاقت سان بڻجن ٿيون. جيڪڏهن اوهان علم، ديانت ۽ حب الوطنيءَ کي اختيار ڪيو ته دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ترقيءَ کان نٿي روڪي سگهي، جڏهن ته قوم فوج ۽ قيادت هڪ صف تي بيٺل هجن ته پوءِ به چئلينج ناقابل عبور نٿو رهي، اسان کي پنهنجا سياسي اختلاف وساري اتحاد کي برقرار رکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته دشمن هميشه اسان جي صفن ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. چوڌري سالڪ حسين چيو ته اڄ جو ڏينهن اچو اسان سڀ گڏجي عهد ڪريون ته پاڪستان جي خودمختياريءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اسان پنهنجي هٿياربند فوج جي غير مشروط حمايت خاص ڪري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي حفاظت ۽ رهنمائيءَ لاءِ دعاڳو رهنداسين، الله تعاليٰ پاڪستان کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ اسان جي سرحدن کي مضبوط ڪري، اسان کي اتحاد، قرباني ۽ انصاف جي اصولن تي قائم رکي.