جاپان جي سفير اڪاماتسو سوچي پاران پاڪستان جي يوم آزادي جي موقعي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪون

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسو سوچي  14 آگسٽ تي اسلامي جهموريه پاڪستان جي يوم آزادي جي موقعي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ جاپاني سفير چيو ته منهنجا پياري پاڪستاني دوست توهان سڀني کي پاڪستان جي يوم آزادي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون هجن. هن چيو ته جاپان هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ توهان سان …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسو سوچي  14 آگسٽ تي اسلامي جهموريه پاڪستان جي يوم آزادي جي موقعي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ جاپاني سفير چيو ته منهنجا پياري پاڪستاني دوست توهان سڀني کي پاڪستان جي يوم آزادي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون هجن. هن چيو ته جاپان هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ توهان سان گڏ بيٺل آهي، توهان سڀني کي يوم آزادي مبارڪ هجي، جاپان پاڪستان دوستي زنده باد. يوم آزادي جي خصوصي ڏينهن جي موقعي تي جاري خصوصي وڊيو ۾ جاپانين ۽ سفارتخاني جي پاڪستاني عملي، يوم آزادي جون تقريبون ملهائڻ وارن پاڪستاني عوام سان پنهنجي خوشي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو مشهور قومي نغمه”جيوي جيوي پاڪستان“ به ڳايو.