لاهور-13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان جو بنياد اسان جي وڏڙن پنهنجي رت سان رکيو ۽ نوجوان ئي ان ملڪ جو اصل سرمايو آهن. گرميءَ جي موسم ۾ به اسان جا جوان سرحدن تي قوم جي حفاظت ڪري رهيا آهن. هو ايوانِ اقبال ڪامپليڪس لاهور ۾ آزاديءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل خاص سيمينار ۾ خاص مهمان …
نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، ملڪي سالميت تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو: رانا مشهود احمد

مزید خبریں
لاهور-13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان جو بنياد اسان جي وڏڙن پنهنجي رت سان رکيو ۽ نوجوان ئي ان ملڪ جو اصل سرمايو آهن. گرميءَ جي موسم ۾ به اسان جا جوان سرحدن تي قوم جي حفاظت ڪري رهيا آهن. هو ايوانِ اقبال ڪامپليڪس لاهور ۾ آزاديءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل خاص سيمينار ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. ڄاڻايل تقريب ايوانِ اقبال ڪامپليڪس لاهور انگلش لٽريچر ۽ـ لسانياتي سوسائٽي جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي. رانا مشهود احمد خان پاڪستان دنيا جي انهن ٻن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي نظريي جي بنياد تي وجود ۾ آيا. هن چيو ته اسرائيل پنهنجي نظريي لاءِ سفاڪيت جي حد ڪري ڇڏي پر اڄ دنيا ان جي ظلمن خلاف ڀرپور احتجاج ڪري رهي آهي. هن چيو ته جڏهن قومن ۾ دم ۽ نوجوانن ۾ جذبو هجي ته هو هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سالميت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪندو، پاڪستاني جوان ڀارت جي نظام کي لوڏي رکي ڇڏيو آهي ۽ دنيا کي ڏيکاريو ته ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان جو ڪوبه مقابلو ناهي، پاڪستان فري لانسنگ ۾ دنيا جي پهرين پنجن ملڪن ۾ شامل آهي ۽ دنيا ۾ پاڪستاني نوجوانن جي گُهر ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان جا نوجوان پرڏيهه وڃي پنهنجي محنت سان ناڻو ڪمائين ٿا جيڪو سٺو سنوڻ آهي.











