خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو 78هين يوم جشن آزادي جي موقعي تي پيغام

پشاور -13 آگسٽ(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، 78هين يوم جشن آزادي جي موقعي تي پيغام ۾ ضم ٿيل علائقن ۽ خيبر پختونخوا جي عوام سميت سڄي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اڄ اسان جي جشن آزادي  حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابي سان گڏ ملهائي رهيا آهيون. حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان نه صرف ڀارت جي عسڪري غرور کي مٽيءَ ۾ ملايو پر ملڪي …

پشاور -13 آگسٽ(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، 78هين يوم جشن آزادي جي موقعي تي پيغام ۾ ضم ٿيل علائقن ۽ خيبر پختونخوا جي عوام سميت سڄي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اڄ اسان جي جشن آزادي  حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابي سان گڏ ملهائي رهيا آهيون. حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان نه صرف ڀارت جي عسڪري غرور کي مٽيءَ ۾ ملايو پر ملڪي سرحدن ۽ اسان جي آزادي جو ڀرپور دفاع به ڪيو. هن چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن اسان جي آزادي، خودمختاري ۽ قومي سڃاڻپ جي علامت آهي. اڄوڪو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جي وڏن قربانين ۽ جدوجهد ذريعي هڪ آزاد وطن جي  خواب کي حقيقت بڻايو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي، امن ۽ خوشحالي لاءِ اسان سڀني کي يڪجهتي، محنت ۽ قرباني جي جذبي کي اختيار ڪرڻو پوندو. آزادي جي قدر تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان پنهنجي فرضن کي ديانتداري ۽ ذميواري سان نڀايون. حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني قوم ۽ اسان جي هٿياربند فوج پنهنجي اصولن، ايمان ۽ حق جي رستي تي ڄمي بيٺل آهي. گورنر، خيبر پختونخوا جي عوام سميت سڄي قوم کي اپيل ڪئي آهي ته اچو اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي خوشحال ۽ پرامن ملڪ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن، دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هميشه سلامت رکي، دشمنن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ۽ اسان کي اتحاد، قرباني ۽ محبت جي جذبي سان هميشه اڳتي وڌڻ جي توفيق عطا فرمائي.