اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ اهو ڏينهن آهي جڏهن برصغير جي مسلمانن بي مثال قربانيون ڏئي پنهنجي منزل حاصل ڪئي. هي ڏينهن اسان لاءِ صرف جشن جو موقعو ناهي پر هي ان عهد جي تجديد آهي ته اسان پنهنجي آزاديءَ جي حفاظت هر قيمت تي ڪنداسين. اسان جي بزرگن …
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پاران جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي خصوصي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ اهو ڏينهن آهي جڏهن برصغير جي مسلمانن بي مثال قربانيون ڏئي پنهنجي منزل حاصل ڪئي. هي ڏينهن اسان لاءِ صرف جشن جو موقعو ناهي پر هي ان عهد جي تجديد آهي ته اسان پنهنجي آزاديءَ جي حفاظت هر قيمت تي ڪنداسين. اسان جي بزرگن رت ۽ قربانيءَ سان جيڪو ڏيئو روشن ڪيو ان جي روشنيءَ کي قائم رکڻ اسان سڀني جي اجتماعي ذميداري آهي. يومِ آزاديءَ جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ سيدال خان چيو ته پاڪستان جو بنياد هڪ اهڙي خواب ۽ اهڙي جدوجهد تي رکيو ويو جيڪو ايمان، اتحاد ۽ قربانيءَ جو حسين ميلاپ هو. علامه اقبال جو خواب قائداعظم محمدعلي جناح جي اڳواڻي ۽ لکين مسلمانن جون قربانيون هن رياست جو اثاثو آهن. اڄ اسان کي ان ڳالهه کي ياد رکڻ گهرجي ته آزادي صرف هڪ تحفو نه پر هڪ امانت آهي جنهن جي حفاظت، بقا ۽ استحڪام اسان سڀني تي فرض آهي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ادارا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هر روز پنهنجين جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ جي سرحدن ۽ امن جي حفاظت ڪن ٿا، کين خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. هن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته وطن جي مٽيءَ لاءِ انهن پنهنجي جان قربان ڪئي، اسان ان ڏينهن پنهنجي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن کي ياد ڪريون ٿا جيڪي آزادي ۽ خوداراديت واري حق لاءِ ثابت قدميءَ سان جدوجهد ڪري رهيا آهن. پاڪستان انهن مظلوم عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هميشه گڏ هوندو.











