اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 78هين يومِ آزاديءَ جي موقعي تي دشمن خلاف حق جي ويڙهه تاريخي ڪاميابي ۽ ان عظيم ڏينهن جي خوشي ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي ۽ هي 14 آگسٽ پوري قوم فاتحه جي حيثيت سان ملهائي رهي آهي. سماجي رابطي واري ويب سائٽ تي جاري پنهنجي پيغام ۾ …
دشمن خلاف حق جي ويڙهه جي ڪاميابي يومِ آزادي جي خوشي ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي: عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 78هين يومِ آزاديءَ جي موقعي تي دشمن خلاف حق جي ويڙهه تاريخي ڪاميابي ۽ ان عظيم ڏينهن جي خوشي ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي ۽ هي 14 آگسٽ پوري قوم فاتحه جي حيثيت سان ملهائي رهي آهي. سماجي رابطي واري ويب سائٽ تي جاري پنهنجي پيغام ۾ عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته ڦڙڪندڙ سائو جهنڊو هر پاڪستاني جي دل جي ڌڙڪن آهي، حق جي ويڙهه بنيان المرصوص دشمن تي پاڪ فوج جي دهشت کي حقيقت بڻايو ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته فتح جو اهو احساس فيلڊ مارشل ۽ پاڪستان جي آرمي چيف عاصم منير جي شاندار قيادت جو نتيجو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 78 سالن ۾ پاڪ فوج هر محاذ تي ڪاميابيءَ جا جهنڊا ڦڙڪايا ۽ هو اڄ به وطنِ عزيز اندر ۽ ٻاهر ملڪ دشمن ڌُرين خاص ڪري دهشتگردن خلاف عمل جي ميدان ۾ موجود آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هميشه قائم رهڻ لاءِ وجود ۾ آيو آهي ۽ اسان سڀني کي ملڪي وقار ۽ وطنِ عزيز جي سربلنديءَ لاءِ هر فرد، هر ملت جي مقدر جو ستارو جي چوڻيءَ تي عمل ڪرڻو پوندو.











