حڪومت، ڊگهي عرصي کانپوءِ ملڪ ۾ آن شور ڊرلنگ جي شروعات ڪئي، آف شور ڊرلنگ لاءِ به منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته تيل گئس جي ڳولا جي نون منصوبن سان انرجي سيڪيورٽي ۾ استحڪام اچي ٿو، حڪومت ڊگهي عرصي کانپوءِ ملڪ ۾ آن شور ڊرلنگ جي شروعات ڪئي آهي، اهڙي ساڳئي طرح آف شور ڊرلنگ لاءِ به منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه ۽ ٻين پاڪستان ۾ تيل جا وسيع ذخيرا …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته تيل گئس جي ڳولا جي نون منصوبن سان انرجي سيڪيورٽي ۾ استحڪام اچي ٿو، حڪومت ڊگهي عرصي کانپوءِ ملڪ ۾ آن شور ڊرلنگ جي شروعات ڪئي آهي، اهڙي ساڳئي طرح آف شور ڊرلنگ لاءِ به منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه ۽ ٻين پاڪستان ۾ تيل جا وسيع ذخيرا هٿ اچڻ بابت آمريڪا جي صدر ٽرمپ جو بيان ۽ انهن ذخيرن جي حوالي سان اسان جي حڪومت طرفان ڪو واضح اعلان نه ڪرڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ توانائي واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم، آرمي چيف ۽ نائب وزيراعظم جي ڪوششن سان آمريڪا طرفان ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ ٻين رعاتين تي انهن کي مبارڪون ڏيڻ گهرجن. پاڪستان ۾ ڪيترن سالن کان نون کوهن جي ڳولا جو ڪم نه ٿي رهيو هو. هاڻي حڪومت، اپريل ۾ 13 بلاڪ ايوارڊ ڪيا. ترڪيه ٻن بلاڪن جو ايوارڊ کٽيو. ان کانپوءِ آن شور 23 بلاڪس ايوارڊ ڪرڻ جو عمل ٿي رهيو آهي. انڊس ۽ گوادر جي علائقي ۾ 40 جي ويجهو بلاڪس ايوارڊ ڪرڻ ۾ ترڪيه، چين ۽ آمريڪا جي ڪمپنين جي دلچسپي آئي آهي ان جو حتمي فيصلو آڪٽوبر ۾ ٿيندو. شيل گئس، تيل ۽ ٽائيٽ گئس جي ذخيرن جو ڪاٿو اٽلي جي ڪمپني مطابق 30 کان 35 ٽي سي ايف جي ويجهو آهي، جيڪو سوئي گئس جي ٽيڻ جي برابر آهي. 2024ع ۾ ٽائيٽ گئس جي پاليسي کي اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته يو ايس ايڊ جي سهڪار سان 2015ع کان پاڪستان ۾ اسٽڊي ڪئي وئي آهي گئس جي 65 ٽي سي ايف جي اڄ تائين هٿ ڪئي وئي آهي. شيل آئل جي حوالي سان ٽيڪنالاجي آمريڪا ۽ چين وٽ آهي، حيدرآباد ۾ پهرين ڊرلنگ لاءِ پراسيس ٿي رهيو آهي. ان جي ڪمرشل اسسمنٽ جي تياري ٿي رهي آهي. مختلف ملڪن سان ڳالهه ٿي رهي آهي. ڊگهي خاموشي کانپوءِ اسان آن شور ڊرلنگ تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ساڳئي طرح آف شور تي به ڌيان ڏينداسين. هن ٻڌايو ته آن شور هڪ کوهه کي ڊولپ ڪرڻ جي اربين ڊالر جي سيڙپڪاري گهربل آهي. نويد قمر جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آڪٽوبر تائين آن شور جي آڇ مڪمل ٿيندي. آف شور آڪٽوبر جي آخر تائين جي تاريخ طئي ڪئي آهي.